شخصيتون ۽ خاڪا

ھيرا تہ ڏسو

شيخ اياز ھڪ عظيم شاعر آھي، ساڳي وقت سندس نثر پڻ بي مثال آھي. ھن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شخصيتن تي لکيل انڊلٺي رنگن نما نوٽس سھيڙي ”هيرا تہ ڏسو“ جي ڪتابي روپ ۾ پيش ڪيا ويا آھن.  شيخ اياز جي مطالعي جي رنگيني جا سڀئي رنگ اڄ جي نئين توڙي پراڻي ليکاري لاءِ نئين مطالعاتي سفر جو رستو کوليندا. ڇو تہ بقول شيخ اياز جي تہ ”ڪتين ڪر موڙيا جڏهن جي مھاڳ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترن ئي اهڙين شخصيتن، تحريڪن تاريخي واقعن ۽ جاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي جن سان سنڌ جو نئون نسل واقف نہ آهي. ممڪن آهي تہ پوري ننڍي کنڊ جو نئون نسل واقف نہ هجي. ان ڪري مان ڪتاب جي آخر ۾ انھن نالن وغيره تي نوٽ ڏيڻ ٿو چاهيان.“

  • 4.5/5.0
  • 29
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھيرا تہ ڏسو

بودليئر

بودليئر
(1821ع کان 1887ع تائين)

فرانس جو وڏي ۾ وڏو شاعر، جنهن جو پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گھٽ قدر ڪيو ويو. هو سٺو نقاد به هو، هن وقت 19 صديءَ جو وڏي ۾ وڏو فرانسيسي شاعر مڃيو وڃي ٿو. هن جو ڪتاب “Folowers of Evil” (گناهه جا گل) مون ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو هو. انهيءَ ۾ هو ان تضاد جو ذڪر ڪري ٿو، جو انسان جي اُڌمي ۽ آدرش ۾ آهي، جنهن جو توڙ نراسائيءَ تي ٿئي ٿو ۽ جا ڳالهه هو پنهنجي روزانيءَ زندگيءَ ۾ محسوس ڪري ٿو. هن حسن جي تلاش، ان ۾ محويت ۽ زندگيءَ کان بي خبريءَ ۾ نه ڪئي پر پئرس جي زندگيءَ جي بددل ڪندڙ حقيقت ۾ ڪئي. پئرس جي راتين ۾ شاعر کي ڪوئي ازلي پرتؤ نظر اچي ٿو، پر هن کي ڪنهن مهل ايتري ڪرڀ اچي ٿي جو هو خود خدا جي خلاف بغاوت ڪري ٿو ۽ موت ۾ پنهنجي نجات ڳولي ٿو، جيڪو هن کي هن هستيءَ جي پردي پٺيان نهارڻ ۾ مدد ڪندو رهي ٿو.
هن کي مترنم شاعريءَ تي وڏي دسترس هئي، جنهن ۾ هو رومانيت پسندن کان ورثي ۾ آيل هڪ رنگين اجنبيت جو اظهار ڪري ٿو. ساڳي وقت هن ۾ اشاريت جو پهلو رامبوءَ ۽ علامت پسندن کان وڌيڪ هو. بودليئر نثري نظم به لکيا هيا ۽ تنقيد تي ڪتاب به، جن جي اهميت وقت سان گڏ وڌي رهي آهي.
بودليئر پئرس ۾ ڄائو هو. هُن جو پيءَ رنڙ هو ۽ جڏهن هُن جي ماءُ سان شادي ڪيائين ته پنهنجي زال کان ٽيهه سال وڏو هو. ممڪن آهي ته بودليئر کي پنهنجو فن پيءُ کان ورثي ۾ مليو هجي، پر هن کيس هڪ ”نفرت خيز فنڪار، سڏيو. هن جو پيءُ 1828ع ۾ مري ويو. هن جي ماءُ ٻن سالن کان پوءِ هڪ ميجر سان شادي ڪئي جو پوءِ اسپين ۾ فرانس جو سفير ٿيو. هن جي ماءُ جي ٻي شادي هن لاءِ آفت ٿي آئي ۽ هو Oedipus Complex جو ڪلاسيڪي مثال ٿي پيو. بودليئر پنهنجي تعليم ۾ پٺتي پيل هو ۽ نيٺ هو بي آبو ۽ ڪوڏيءَ مَلهه ثابت ٿيو. هن کي اسڪول مان نيڪالي ملي ۽ هن کي خانگي اتاليق رکي ڏنو ويو. 1839ع ۾ هن Baccalaureate جو امتحان پاس ڪيو. هن پنهنجي ڪٽنب کي ڌوڏو ڏئي ڇڏيو، جڏهن هنن کي ٻڌايائين ته هو ليکڪ ٿيندو. هن Ecole de Chartes ۾ داخلا ورتي ۽ آئينده ڏهن سالن ۾، اتي وِٿي ڏئي، ساهي پٽي، وارائتيون تقريرون ٻُڌندو هو. پر انهن ڏهن سالن ۾ هن کي اڀياس جي ڇاٽِي لڳي وئي ۽ هن ان ۾ پاڻ کي اڇلائي ڇڏيو ۽ ان ۾ ٽٻ ٿي ويو، پر اتي هن کي بُري هير پئي ۽ نه رڳو هو قرض ۾ وچڙي ويو. پر هن آتشڪ جو مرض به پرايو، جنهن ۾ 25 سال پوءِ هو مري ويو. هن جي ماٽيلي پيءُ هن جا قرض لاٿا ۽ هن کي هندستان جي سفر تي موڪليو، جيئن هي لچائيءَ کان ٻه سال پري رهي. ماريشس ۾ هن جو جهاز طوفان ۾ ڦاسي ويو ۽ هن اتي ڪپتان کي چيو ته هن کي واپس پهچائي. هن اهو ئي هڪ سامونڊي سفر ڪيو هو، جنهن هن جي شاعريءَ کي رڱي ڇڏيو. خطِ سرطان جا منظر، آواز ۽ ٻيا ڏيک هن جي عظيم شاعري جي اجنبي تصوريت جا ڪارڻ هيا. (جيئن مون ٿر جو ميرپور خاص کان نگر پارڪر تائين هڪ ئي سفر ڪيو آهي، پر ان جو اثر اڃا تائين منهنجي شاعريءَ تي ائين آهي، جيئن جهرڻي مان ٿڌو ۽ مٺو پاڻي نڪرندو آهي.)
ستن مهينن جي غير حاضريءَ کان پوءِ هو فرانس موٽي آيو ۽ ٻن مهينن کان بلوغت (غالباً فرانس ۾ 21 سال) تي پهتو. هن کي پنجهتر هزار فرانڪ آبائي ورثي مان مليا، جن مان 1844ع ۾ هن اڌ پئسا ته لُٽائي ڇڏيا، باقي دولت جي انتظام لاءِ سرڪاري آفيسر مقرر ڪيا ويا. اهو هڪ ڪٺور ۽ نردئي اپاءُ هو، جنهن لاءِ ذميوار شاعر جي ماءُ هئي. ان هن کي ساري عمر پئسي ڏوڪڙ جو ڪاڻيارو رکيو ۽ هن کي خرچ لاءِ ۽ قرض لاهڻ لاءِ پورا پئسا نه رهيا. انهيءَ ئي دؤر ۾ هن جا جين ڊيوول، هڪ اڇي ۽ نيگرو والدين مان پيدا ٿيل عورت سان تعلقات جڙيا جا پئرس ٿئيٽر ۾ ٿورو گھڻو ڪم ڪندي هئي. اها هن جي ٽن ڄاتل سڃاتل سريتن مان هڪ هئي ۽ کيس ڪاري وينس (Black Venus) ڪوٺيو ويندو هو. هُن جو بودليئر جي شاعريءَ تي گھرو اثر هو، ان ۾ ڪوئي شڪ نه آهي. هُو ساڻس ان وقت مليو جڏهن هن کي جذباتي بلوغت تي رسڻ لاءِ ڪائي چيڀٽ، ڪائي دل جي چوٽ ۽ صدمو اچڻ ضروري هو. (ساڳي حالت مون سان به ٿي آهي.) جيتوڻيڪ هو هڪٻئي کي رانڀوٽا پائيندا رهندا ها، ۽ ڪو اهڙو ڏينهن نه هو جڏهن هنن ۾ 1860ع تائين رڳڙا ۽ جھڳرا نه ٿيندا ها. هوءَ ئي هن جي ڏاتِ جي جل – پري ۽ ٻوڙان ٻوڙ وهڪرو هئي، جنهن هن کي رچنا تمڪ سمرٿي ڏني ۽ هن تي شاعري آڪاش واڻيءَ جئن آئي، جيئن سانوڻ جا ڪڪر چيري ڌرتيءَ تي جوت وسندي آهي ۽ ان کي پنهنجي گھيراوءَ ۾ وٺي ڇڏيندي آهي. ماڻهوءَ جو جسم مانسرور وانگر آهي ۽ ان مان جي نديون نڪرن ٿيون، انهن کي پهرين نه ايڏو ڦاٽُ آهي نه پاٽ آهي، پر پو هو برهم پترا وانگر گرڙاٽ ڪنديون، اپار ۽ اننت ٿينديون وڃن ٿيون (مون کي به ايئن جوانيءَ ۾ محسوس ٿيو هو، جڏهن پيار موسلاڌار مينهن وانگر اوڙڪون ڪري لٿو هو، روح جي ريلي هر شيءِ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي هئي ۽ مون بودليئر وانگر پهريان ٽي ڪتاب لکيا ها. جن تي هڪ اڻ پڙهيل ۽ اياڻي بيورو ڪريسيءَ جي شهه تي هڪ ڳهيليءَ ۽ چرٻٽ حڪومت بندش وڌي هئي، جا ٻه سال اڳ لهي چڪي آهي.). بودليئر جي شاهڪار “Followers of Evil” تي به ايئن 70 سال کان وڌيڪ بندش رهي، ڪورا، مورک ۽ مت هيڻ حڪمران ايترو وقت وساري ويٺا ها ته فرانس جي عظيم ترين شاريءَ جا حصا بندش هيٺ آهن، جيستائين ڪنهن سائينءَ جي سنوارئي کي ايتري ڏاهپ آئي جو ان تان بندش هٽايائين. ان وقت تائين ته قبر ۾ بودليئر جا هڏا به ڀُري ڀور ٿي ويا هوندا! ائين ڇو آهي جو ٻُڌي هيڻ ۽ کٿڙيل سمجھه وارا ايتري سگھه ۽ سامرٿي رکندا آهن، جو ڪلنگيءَ وارا ڪلاڪار نهوڙي نيندا آهن ۽ ڪلا، جا، آڪاس جا ڪلس ۽ ڪُنگرا ڇُهي سگھندي آهي، ان کي پنهنجي پڃري ۾ بند رکندا آهن، جيئن روس ۾ ڪيو هيائون، جتي مصوريءَ جا شاهڪار گدامن ۾ تالي هيٺ سٿيا هيائون.
مون جڏهن بودليئر کي ٻيهر ساهيوال جيل ۾ پڙهيو ته مون کي ائين محسوس ٿيو هو ته هي برفاني ماڻهو هماليا جي چوٽيءَ تي بيٺو آهي ۽ هن جي ڀيٽ ۾ ماياڪو وسڪي ۽ ناظم حڪمت ائين لڳي رهيا ها، ڄڻ چيتا وات ڦاڙي چنگھاڙي رهيا ها. مون ان وقت اهو مصلحتاً نه لکيو هو ڇو ته ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ ڪيترا اشتراڪي اسان جا ساٿي ها. جيتوڻيڪ انهن مان ڪن جي چُرچ ماسڪو مان نڪرندڙ رسالي ”ٽائيم“ ۾ ون يونٽ جي فائدي ۾ لکرايو ويو هو.
1847ع ۾ هو پنهنجي ٻيءَ سريت ميري ڊابرون سان مليو، جا جيني ڊيوول کان مختلف نه هئي. جيتوڻيڪ هوءَ سندس آٿت ٿيندي هئي، جڏهن هو جيني سان جھڳڙو ڪري ايندو هو، پر ائين ٿو لڳي ته هن جي ڳڻتي ڪانه هوندي هيس ۽ هوءَ هن جي پرگھور نه لهندي هئي. هن جي آخرين الوداع تي بودليئر هڪ خوبصورت نظم لکيو هو.
مادام اپلو نيئر سباتيئر به اَپالو نيئر جي سُريت هئي، جا هن جي نظم ”اڇي وينس “ (White Venus) جي تخليق جي باعث بڻي، پر اها جينيءَ ۽ ميريءَ واري دور جي نظمن کان گھٽ درجي جي نظم هئي. ميري اوچي طبقي مان هئي، جنهن جي پهريون هڪ سرمائيدار يهودي پرورش ڪندو هو. ان آرٽ جي چکا چوکي ڪئي ۽ کيس ان جي چَش ايتري وڻي ۽ کيس چوس ايتري پئي جو هن پنهنجي دؤر جا مهان ليکڪ فلا برٽ، گوتيئر، ڊيوماس، گونڪورٽس هر آچر تي پنهنجي گھر تي گھرائڻ شروع ڪيا. گوتيئر، جو هن کي پريزيڊنٽ ڪوٺيندو هو، تنهن هن جي بودليئر سان 1851ع ۾ واقفيت ڪرائي. سال کان پوءِ بودلئير هن کي گمنام عشقيه خط لکڻ لڳو ۽ انهن سان گڏ پنهنجا ڪيئي نوان نظم به موڪليندو هو. هوءَ هڪ کِل مُک، چنچل، مهربان ۽ وندرائيندڙ عورت هئي. جا پنهنجن دوستن سان جلد گھائل مائل ٿي ويندي هئي. حيرت آهي ته شاعر هن کي محبوبا ڪري پنهنجي شاعريءَ لاءِ استعمال ڪيو ۽ ان محبت کي پوتر ڏيکاريو جيئن جينيءَ جي اَپوتر پيار جي ڀڃڪڙي لڪائي سگھي. 1857ع ۾ اهو واقعو جو خاتمي تي پهتو، اڃا راز ۾ آهي. 47-1846ع ۾ هن ايڊ گر ايلن پو جي ڪهاڻين جو فرينچ ۾ ترجمو ڪيو.
1857ع ۾ هن جو ماٽيلو پيءُ مري ويو. ٻه سال پوءِ هن جو ڪتاب “Flowers of Evil” ڇپيو، جنهن لاءِ هُن تي مقدمو هليو. انهيءَ دؤر جي احمق ججن ان شاهڪار مان ڇهن نظمن تي فحاشيءَ سبب بندش وڌي ۽ شاعر تي 300 فرانڪ ڏنڊ وڌو جو پوءِ گھٽائي 50 فرانڪ ڪيو ويو. 1861ع ۾ ساڳي ڪتاب جي ٻي اشاعت شايع ٿي، جنهن مان اهي ڇهه نظم ڪڍيا ويا جن تي بندش وڌي وئي هئي، ۽ انهن جي جاءِ تي ٻيا نوان نظم وڌا ويا. ڇا اهڙي نا اهل سرڪار تي ٿوڪارڻ ٿُڪ جو زيان نه آهي؟ ٻار جئن ڪاني جي گھوڙي تي سوار هوندا آهن تيئن اهي بيوروڪريٽ پارڪر يا شيفر قلم تي شهسواري ڪندا آهن ۽ ان کي ڪاغذ تي بي لغام ڇڏي ڏيندا آهن.
بودليئر بيلجم ۾ رهڻ لاءِ ٿورو وقت ڪوشش ڪئي، جيئن اتي بندش هيٺ آيل ڪلام سوڌو پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب شايع ڪرائي سگھي. 1864ع ۾ هو بروسليس روانو ٿيو. پر ڪتاب جي اشاعت ۾ ڪامياب نه ٿيو.
1886ع ۾ هن کي فالج ٿي پيو. هن کي پئرس موٽائي وٺي ويا، جتي هن کي شفاخاني ۾ رکيو ويو، پر هو اتي 31 آگسٽ 1887ع تي مري ويو. ڀڳل ٽٽل، چُور، دلشڪستو، اَگھو ۽ روڳ شالا ۾ بستري بعد قبر داخل ٿيو.
اي جڳ جي اونڌي جانڊهه!
توتي ڦٽڪار ۽ انهن تي لک ڦٽڪار،
جي توکي هلائي رهيا آهن!
(بودليئر)
دي شيخ باچراغ همين گشت گردِ شهر،
کز دام و دد ملولم و انسانم آرز دست.
(رومي)
(ڪلهه شيخ چراغ کڻي سڄو شهر گھمي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته ڪتا، ٻلا، رڇ ۽ ڀولڙا ڏسي ٿڪجي پيو آهيان. آرزو اها آهي ته ڪو انسان ملي وڃي.)