ٽيپو سلطان
(30 نومبر 1750ع کان 4 مئي 1799ع تائين)
ٽيپو سلطان هندستان جي سلطنت ميسور جو آخري بادشاهه هو، ۽ نواب حيدر عليءَ جو پٽ هيو. هو هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جو سپهه سالار ۽ پهريون شهيد هو. هو دکن ۾ پيدا ٿيو. ٽيپوءَ جو اصل نالو فتح علي يا ابن فتح هو.
مون ٽيپوءَ تي ڪنهن انگريزي ناول نويس جو پهريون انگريزيءَ ۾ ناول (جنهن جو نالو ياد نٿو اچي) تڏهن پڙهيو هو، جڏهن ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس. اهو ناول منهنجي زال جي مامي شيخ واجد عليءَ پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، جو پوءِ مسجد منزل گاهه تحريڪ جو ليڊر هو. تازو هن تي هڪڙي سنڌيءَ ڀڳوان گدواڻيءَ هڪ ناول “The Sword of Tipu Sultan” (ٽيپو سلطان جي تلوار) لکيو آهي، جو هندستان ۾ ٽي وي سيريل ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ مون کي منهنجي دوست لڇمڻ ڪومل جئپور ۾ تحفي طور ڏنو هو. ڪيئي تاريخ نويس جيڪي ٽيپوءَ جا مخالف هيا، تن هن کي متعصب حڪمران ڪري ڏيکاريو آهي، پر ڀڳوان گدواڻيءَ جي ناول ۾ هو هڪ نهايت عظيم انسان دوست ۽ بصيرت وارو حڪمران ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو هر مذهب کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. سامراج جو وڏو دشمن هو ۽ ٿامس پين جي Rights of man (انساني حق) جو معتقد هو. هن آمريڪا جي آزاديءَ جي پڌرنامي کي خوش آمديد چيو ۽ فرينچ انقلاب جو وڏو مداح هيو. هو پهريون هندستاني قومپرست هو، جنهن ڏٺو ته هندستان کي نه رڳو ٻاهرين طاقتن ڪمزور ڪيو هو، پر بيماريءَ، تخريب ۽ اندروني نا اتفاقيءَ جو به ان ۾ وڏو هٿ هو. هو نيپولين کان به ڪافي متاثر هيو. جيتوڻيڪ پڪ سان چئي نٿو سگھجي ته هن ۽ نيپولين جي وچ ۾ خط و ڪتابت به ٿي هئي.
هو آخري دم تائين نهايت بهادريءَ سان وڙهندو رهيو. ڪڏهن ڪنڌ نه جھڪايائين ۽ هن جي مُحبت ۽ يقين زندگيءَ جا اهڙا قدم هيا، جيڪي هن کي نهايت پيارا هيا. هن کي ان ڳالهه ۾ ايمان هيو ته فقط قربانيءَ سان ئي هندستان جي ايندڙ نسل کي بچائي سگھجي ٿو. مون ٽيپو سلطان جي سوانح حيات تي اردو ۾ ۽ انگريزي ۾ لکيل تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪيترو ئي مواد پڙهيو آهي ۽ هن جي شخصيت مون کي متاثر ڪيو آهي، جو مون هن جي باري ۾ ڪجھه نظم به لکيا آهن.