ٽئگور، رابندر ناٿ
(1861ع کان 1941ع تائين)
بنگالي اديب ۽ شاعر، جو بنگال جي نئين جاڳرتا وقت هڪ مکيه گھراڻي ۾ ڄايو هو. هن جو پهريون ڪتاب هن جي رسالي ڀارتي فصاحت ۾ شايع ٿيو هو. هن پنهنجي لمبي تخليقي زندگي ۾ هڪ هزار نظم ۽ ٻه هزار گيت تخليق ڪيا، جن کي موسيقي هن خود ڏني. هن نوان وزن ٺاهيا ۽ نثري نظم به بنگالي ادب ۾ لکيا. هن جو سڀ کان مشهور ترين ڪتاب ”گيتا نجلي“ آهي، جنهن ۾ هن جا ويدانتي نظم آهن ۽ جو 1910ع ۾ شايع ٿيو هو. ٽئگور پنهنجن ڪيترن نظمن جا ترجما پاڻ انگريزيءَ ۾ ڪيا، جن هن کي شاعر جي حيثيت ۾ مغرب ۾ مشهور ڪيو. انگريزي ترجمن جي ڪري هن کي 1913ع ۾ نوبل پرائيز ملي. هن چاليهه ناٽڪ ۽ اٺ ناول لکيا، جن مان ”گورا“ سڀ کان وڌيڪ وزنائتو ۽ اهم هو. جنهن ۾ نئين ۽ پراڻي هندو مت ۾ تفاوت ڏيکاريل آهي. ٽئگور پهريون اديب هيو، جنهن بنگاليءَ ۾ ڪهاڻيون لکيون ۽ بنگالي نثر جي عبارت گھٽ ڪلاسيڪي ۽ وڌيڪ ساڌارڻ ڪئي. هن جا ڪيئي مضمون ۽ خط هن جي سياسي ۽ سماجي خيالن ۽ هن جي فلسفي ۾ انسانيت جو اظهار ڪن ٿا. هن جا ڪيئي ڪتاب لکيل آهن، جي مون سڀ پڙهيا آهن ۽ آخري ڪتاب “Wings of death” (مرتيو پنک) جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. ٽئگور کي هندستان جو قومي شاعر ڪري تسليم ڪيو ويندو آهي. هن جي اهميت ايتري هئي جو هو جڏهن بيمار ٿيو هو ته مهاتما گانڌي پنهنجي زال سان گڏجي هن کان ڪلڪتي طبيعت پڇڻ لاءِ ويو. اها آهي نمرتا ۽ سچي پچي وڏ – ماڻهپ جي نشاني جا اسان جي ڪنهن سياستدان ۾ نه آهي، جي سياسي مقصد کان سواءِ قدم به نه کڻندا آهن. آخري دؤر ۾ هن هڪڙي مصور ۽ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ به شهرت حاصل ڪئي ۽ هن شانتي نڪيتن ۾ هڪ بين الاقوامي يونيورسٽي قائم ڪئي، جتي سنڌ جو مشهور سياسي ڪارڪن سوڀو گيانچنداڻي، سنڌي ناول نويس ڪرشن کٽواڻي ۽ ٻيا ڪجھه سنڌي به پڙهيا هيا.
ٽئگو جي هڪ ڌيءَ هڪ سنڌيءَ ڪرشن ڪرپلاڻيءَ سان پرڻيل هئي جو 1963ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي جو چيئرمين هو، جڏهن مان هندستان ويو هوس ۽ ساڻس ملاقات ٿي هئي.
مون ٽئگور جا ڪجھه سنڌيءَ ۾ ترجما ٽئين يا چوٿين درجي ۾ انگريزي ۾ پڙهيا هيا ۽ هن جو مون تي ننڍي هوندي ئي اثر هيو.
گيتا نجلي جو انگريزي زبان جي عظيم شاعر ڊبليو. بي ييٽس ترجمو ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هن کي نوبل پرائيز ملي هئي. ان کي سنڌيءَ ۾ سرڳواسيءَ ايم. ايم. ملڪاڻي ترجمو ڪيو آهي، جو پاڻ به هڪ برک اديب هو.
ٽئگور ساريءَ دنيا کي هڪ آکيرو سمجھندو هو. هن نئين ۽ پراڻي دنيا جا سفر ڪيا هيا.
ٽئگور نه رڳو هڪ وڏو حسن پرست انسان هو، پر انسان دوستي هن جي وڏي ۾ وڏي وصف هئي . هو جديد مصوريءَ جو به هندستان ۾ باني هو ۽ هن جون ساريون تصويرون ڪتابي صورت ۾ آهن. هن جي صد ساله ورسيءَ تي نڪتل ڪتاب ”ٽئگور 1861ع کان 1961ع تائين“ جو مون هندستان مان 1962ع ۾ ورتو هو، تنهن جي نئين ڪاپي مون لاءِ هري موٽواڻيءَ تحفي طور آندي هئي ۽ مون اڳين ڪاپي ادل سومري کي ڏني هئي.