ڊاڪٽر تارا چند
ڊاڪٽر تارا چند جي ڪتاب ”هندي تمدن تي اسلامي اثر“ جو ترجمو محمد مسعود احمد پهرين ڊسمبر 1964ع تي اردوءَ ۾ ڪيو هو. هن جي درخواست تي ڊاڪٽر تاراچند 4 جون 1964ع ته هُن کي پنهنجون زندگيءَ جون حالتون انگريزي ۾ لکي موڪليون، جن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو.
”ڊاڪٽر تارا چند 1888ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ ڊپٽي انسپيڪٽر آف اسڪولز هيو. موصوف گجرات (پاڪستان) جي هڪ اسڪول ۾ پنهنجي تعليم شروع ڪئي. ان کان پوءِ هن ماڊل اسڪول لاهور ۾ داخلا ورتي. سينٽ اِسٽيفن ڪاليج دهليءَ ۾ انٽر پاس ڪئي. ان کان پوءِ ميرٺ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1911ع ۾ اونگ ڪرسچئن ڪاليج جي شاگرد جي حيثيت ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. 1913ع ۾ ساڳيءَ يونيورسٽي ۾ تاريخ ۾ ايم. اي ڪيائين. ساڳي سال الهه آباد جي ڪائسٿ پاٽ شالا ۾ تاريخ جي پروفيسري قبول ڪيائين. 1918ع ۾ انهيءَ ڪاليج جو پرنسپال رهيو، جنهن عهدي تي هو 1945ع تائين رهيو. 1922ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ انگلنڊ مان ڊاڪٽر آف فلاسافي جي ڊگري هٿ ڪيائين. ان کان پوءِ الهه آباد يونيورسٽيءَ ۾ سياست جي حيثيت ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. 1946ع ۾ الهه آباد يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو ۽ مارچ 1948ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. ان کان پوءِ مولانا ابو الڪلام آزاد جي هيٺان تعليم کاتي جو سيڪريٽري ٿيو. پوءِ هن تعليم جي مشير جو عهدو قبول ڪيو ۽ ڊسمبر 1951ع تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. 1951ع ۾ ڀارت طرفان ايران جو سفير ٿيو ۽ ڊسمبر 1951ع کان سيپٽمبر 1956 ع تائين انهيءَ عهدي تي مامور رهيو. 1958ع ۾ ڀارت جي صدر طرفان راجيه سڀا تي ميمبر ڪري کنيو ويو ۽ انهيءَ سال ڀارت جي حڪومت هُن کي آزاديءَ جي تحريڪ جي تاريخ لکڻ لاءِ چيو. ان وقت هو انهيءَ تاريخ ۾ مصروف هو ۽ هن ڀارت جي فلسفي، ثقافت وغيره تي اٺ ڪتاب لکيا ها.“
ان کان پوءِ هن ”هندستان جي آزاديءَ جي تاريخ“ تي 4 جلد لکيا ها. جي مون برڪت علي آزاد کان ورتا ها ۽ پڙهيا ها. برڪت علي آزاد اهو مرد مجاهد آهي جو جواني کان وٺي پنجهتر ورهين جي عمر تائين ادب جي خدمت ڪندو آيو آهي. هو اٺ ڪاٺيو، هَڏ – ڀڳل ۽ ڏوکڙائون شخص آهي ۽ سکر ۾ سارو ڏينهن ڪتاب گھر گھر وڪڻندو رهندو آهي. ان مان هن جي اُدر پورنا ۽ پيٽ قوت ته ٿي ويندي آهي، پر تڏهن به هو لوڙ ۽ گھرج جي گھاڻي ۾ پيڙبو رهندو آهي. ڇو ته هو جيڪي به ڪتاب وڪري لاءِ گھرائيندو آهي، انهن مان ٽيون حصو ته پنهنجي پڙهڻ لاءِ سانڍي رکندو آهي. مون ورلي ڪوئي اهڙو شخص ڏٺو، جنهن کي ڪتابن سان ايڏي لنوَ لڳل هجي ۽ علم جو ايڏو گھڻو گھڻگھرو هجي. ها، ساڳي شهر ۾ هڪ ٻيو شخص مولائي شيدائي به هو، جنهن تي مان ۽ رشيد ڀٽيءَ پنهنجي ءَ جوانيءَ ۾ گھوريا ويندا هياسين. هو ان وقت ريلوي سروس مان رٽاير ڪري چڪو هو، ۽ ڪتابن جي ڍير تي ائين ويٺو هوندو هو، جيئن توت جي وڻ تي پَٽ ڪينئون ويٺو هوندو آهي. هُن لڳاتار جاکوڙ ڪري ”تاريخ سنڌ“ لکي. مان جڏهن هُن کي ياد ڪندو آهيان ته رهي معيريءَ جو هڪ فارسي شعر ياد ايندو آهي:
رفتيم و پاي بر سَر دنيا گذاشتيم
کار جهان به اهل جهان وا گذاشيتم
(جڏهن وياسين ته دنيا کي مٿان اورانگهي وياسين؛
جهان ۾ رهندڙن تي جهان جو ڪم ظاهر ڪري ويا سين.)
ڊاڪٽر تاراچند جيتوڻيڪ دنيوي طرح ته ڏاڍو وڏو ماڻهو هو، پر هن جي باري ۾ پڙهي الاجي ڇو مون کي مولائي شيدائي ۽ برڪت علي آزاد ياد ايندا آهن. ڪيئن چئجي. اهي ڊاڪٽر تاراچند کان به وڏا ماڻهو هجن!