رام ڪرشن
(1834ع کان 1886ع تائين)
جديد زماني جو تانترڪگرو سري رام ڪرشنا، هندستان ۾ جيڪي وڏي ۾ وڏا ڌرمي سکيا ڏيندڙ ٿيا آهن، انهن مان هيو. هن جا خيال آمريڪا ۾ 1893ع ۾ پهچي چڪا هيا، جڏهن هُن جي شاگرد سوامي وويڪانند شڪاگو ۾ مذهبن جي پارليامينٽ ۾ ڳالهايو هو.
رام ڪرشن چيو هو، ”ڪنهن مون کي ڪرستان تي هڪ ڪتاب ڏنو. مان هن کي چيو ته پڙهي ٻڌاءِ. ان ۾ فقط گناهه جو ذڪر هيو. ندورو جيڪو واري واري سان چئي ته مان پابند آهيان، مان پابند آهيان. اهو انت پنهنجي پابنديءَ ۾ ڪامياب ٿيندو. جيڪو ڏينهن رات چوي ته مان گناهگار آهيان، مان گناهگار آهيان. اهو سچ پچ گناهگار ٿي پوندو. پر هڪ انسان آزاد آهي، جي هو هميشه اهو سوچي ٿو ته مان هڪ آزاد روح آهيان. مان ڪيئن پابند ٿو ٿي سگھان. پوءِ توڙي مان دنيا ۾ رهان يا جھنگ ۾ رهان، مون کي خدا پيدا ڪيو آهي، جو بادشاهن جو بادشاهه آهي. اهو مونکي پابند رکي ڪيئن ٿو سگھي؟ جيڪڏهن نانگ ڪنهن کي چڪ پائي ته ماڻهو هن جي زهر مان ان کان آجو ٿي سگھي ٿو جي هو شدت سان محسوس ڪري ته هن ۾ زهر ڪونه آهي.“