ميرا جي
سندس اصل نالو محمد ثناءُ الله ڊار هو ۽ 15 مئي 1912 ع ۾ ڄائو هو. جڏهن ته ڪتابن ۾ سندس وفات جي تاريخ 3 نومبر 1949ع ملي ٿي.
ميرا جي ۽ مون ۾ هڪ ڳالهه هڪجھڙي آهي، ته هن اڙدوءَ ۾، مون سنڌيءَ ۾ بحر ۽ وزن جي سڄي مروج نظام کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. ٻنهي جي شاعريءَ تي بحر ۽ وزن جي تعلق سان هڪ الڳ مطالعي جي ضرورت آهي. منهنجي نظر ۾ ميراجي دؤر جديد ۾ سڀ کان وڏو اڙدوءَ جو شاعر هو ۽ هن جو مطالعو به اردوءَ جي هر شاعر کان وڌيڪ هيو. فيض هن کان ايترو متاثر هيو، جو هن جي ڪتاب ”ديس ديس کي نظمين“ جو مهاڳ پاڻ لکيائين ۽ ان ۾ آمريڪي شاعر ايڊ گر ايلن پو، فرينچ شاعر بودليئر، ميٿلي زبان جي شاعر ودياپتي، يوناني شاعره سئفو، بنگالي شاعر چندي داس جا خوبصورت منظوم ترجما ۽ انهن جي شاعريءَ تي تبصرا ڏنا اٿائين. هن جو اهو ڪتاب ساقي بڪ ڊيپو دهلي 1944ع ۾ ۽ اڪادمي پنجاب لاهور 1957ع ۾ ڇاپيو هيو. جو مون ورهاڱي کان اڳ پڙهيو هو ۽ مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ميراجيءَ جي ٻين ڪتان جا نالا آهن:
• ميرا جي کے گيت (1943ع)
• گيت پر گيت (1944ع)
• ميراجي کي نظمين (1968ع)
• پابند نظمين (1968ع)
• تين رنگ (1968ع)
هن ٻيا ڪجھه ترجما به ڪيا هيا، جنهن ۾ سنسڪرتي شاعر رامون ڌر گپت جو ڪتاب ”نڻني مدهم“ جو نثري ترجمو به ڪيو هيائين، جو 1949ع ۾ بمبيءَ ۾ ”خيال“ رسالي ۾ شايع ٿيو هو. هن جو ٻيو ترجمو ”خیمے کے آس پاس“ عمر خيام جي رباعين جو منظوم ترجمو هيو. هن جي نظم ۾ فيض جيتري رواني نه آهي، پر هن جا گيت نهايت روان دوان آهن.
جيئن:
انجانے نگر من مانے ہے، من مانے نگر انجانے رہے
يا ٻيو گيت
تم اور دیس، ہم اور دیس وغيره
دکن جي عظمت الله خان جي شاعريءَ کانپوءِ هندستان جي بهترين شاعري ميراجيءَ جي آهي. هو شاعريءَ کي ڪنهن ڪبوتر خاني وانگر محدود نه سمجھندو هو. وليم بلئڪ، ليپو (چينائي) ۽ ميران ٻائيءَ وانگر هن جي غنائيه شاعريءَ ۾ به خيال ۽ فڪر جو عنصر غالب آهي ۽ هن تي زوال پسنديءَ جو طعنو، جو ان وقت جا سڀ مشهور ترقي پسند هڻندا ها، بلڪل غلط هو. هن شاعريءَ ۾ دوهن ۽ لوڪ – يات کانسواءِ ماترڪ ڇندن ۽ ديسي موضوعن کي شاعريءَ ۾ آندو.
پنهنجي نئين پڻي جو شعور ۽ پنهنجي ڪوشش کي اڻپورو ڏسڻ جي ڏک ۾ هن نئين نسل ۾ اميد جاڳائي، ته اهو هن جو قدردان ٿيندو ۽ هن وانگر شاعريءَ جي بحر وزن ۾ ڦيرو آڻيندو.
ميراجيءَ پاڻ تي اهو نالو هڪ بنگالي ڇوڪريءَ ”ميراسين“ جي عشق ۾ رکيو هو، جيئن چندي داس، رامي نالي ڌوٻڻ سان عشق ڪيو هو ۽ اهو افسانو ٿي ويو هو. اهڙي طرح ميراجيءَ جو عشق به لوڪ ۾ مشهور ٿي ويو. هو عجيب و غريب طبيعت جو مالڪ هو، جيئن بودليئر پنهنجا ڪيئي دشمن بڻايا ها، ايئن ميراجيءَ به ڪيئي دشمن بڻايا هيا. هو پوين ڏينهن ۾ آنڊي جي ٽي بيءَ جو مريض ٿي پيو ۽ شاعر اختر الايمان جي گھر بمبئيءَ ۾ رهندو هو. منهنجي اختر الايمان سان دوستي غالبا 49 – 1948ع ۾ ٿي هئي، جڏهن هو ڪراچيءَ ۾ ڪجھه وقت لاءِ آيو هو. اسان ڪافي هائوس ۾ روزانو ملندا هياسون ۽ هڪٻئي کي پنهنجا اردو نظم ٻڌائيندا هياسون. هو مون کي ميراجيءَ جي جيون ڪٿا جون ڪيتريون انوکيون ۽ عجيب ڳالهيون به ٻڌائيندو هو.
دراصل سنڌي ۾ گيت لکڻ جو چاهه مونکي ميراجيءَ جا گيت پڙهي ٿيو. منهنجا گيت پڙهي سنڌيءَ جا دقيانوسي شاعر ايترو بانورجي پيا هيا، جو هو سمجھڻ لڳا ته اهي گيت ميراجيءَ جو ترجمو آهن، پر حقيقت ۾ هڪ سٽ به ميراجيءَ تان ورتل ناهي.
ميراجيءَ کي ٽي گولا هٿن ۾ هوندا ها، جي حسن، عشق ۽ موت جي علامت ها. هن جون عجيب عادتون هونديون هيون. الطاف گوهر (ايوب خان جو انفرميشن سيڪريٽري) جو مون سان حلقهء احباب ذوق ڪراچيءَ ۾ ملندو هو، مهنجو دوست ٿي ويو هو. (جيئن ته ان وقت منهنجا سڀ سنڌي اديب دوست سواءِ ابراهيم ۽ سوڀي جي هندستان هليا ويا ها) منهنجي اردو شاعرن ۾ ڪافي اچ وڃ هئي، ڇو ته مان واحد سنڌي شاعر هيس، جيڪو انهن جهڙي اردو شاعري ڪري سگھندو هوس، انهيءَ ڪري جڏهن آل پاڪستان ترقي پسند مصنفين جي انجمن ٺاهي هيائون، تڏهن مون کي ان جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيائون. (ان وقت منهنجي عمر 23 سال هئي) مونکي الطاف گوهر ٻڌايو هو ته:
هو ۽ اردوءَ جو ٻيو شاعر مختيار صديقي ميراجيءَ جي گھر ويا ته هوا جي جھوٽي تي گھٽيءَ جي بدبو دريءَ مان اندر آئي، ان تي ميراجيءَ چيو: ”مان اجھو هن کي ٺيڪ ٿو ڪيان!“ پوءِ 5، 7 سگريٽ ٿورا ٿورا ڇڪي ڪمري ۾ اڇلي ڇڏيائين ۽ انهيءَ جي دونهين تي بوءِ وقتي طور گم ٿي وئي. “
ڊاڪٽر جميل جالبيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”پوني ۾ هڪ مشاعرو ٿي رهيو هو، جنهن ۾ جوش، جگر ۽ فراق جهڙا شاعر به شامل هئا، جڏهن ميراجيءَ جو شعر پڙهڻ جو وارو آيو ته هو ويٺل ماڻهن کي پٺي ڏئي شعر پڙهڻ لڳو:
“نگري نگري پهرا مسافر، گھر کا رستا بهول گيا”
هو آخري ڀيرو لاهور مان دهلي 1946ع ۾ ويو ۽ جون 1946ع ۾ دهلي مان بمبئيءَ ويو، جتي 49 – 1948 ع ۾ ”خيال “ رسالي جو ايڊيٽر بڻيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. هو ميري لائين قبرستان بمبئيءَ ۾ دفنايل آهي.
مهنجي مطالعي کي ايتري وسعت ڏيڻ ۾ ميراجيءَ جي مطالعي جو هٿ آهي ۽ جي مان هن سان ملان ها ته سندس گھرو دوست ٿي وڃان ها، جيتوڻيڪ اسان جون عادتون بلڪل مختلف هيون. ميراجيءَ جي ڄمڻ کان ٻه سال پوءِ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ۽ هن جي مرڻ کان ڪجھه وقت اڳ 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ پوري ٿي. انهيءَ دور جي وچ ۾ مان فيض وانگر سياست ۽ انقلاب سان وڌيڪ ملوث ٿي ويم. پر ميراجي انهيءَ خفت کان دور رهي پنهنجي ذات ۽ ڪائنات جي باري ۾ سوچيندو رهيو.
هن جا سڀئي ڪتاب مون وٽ آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر جميل جالبي اردو مرڪز لنڊن ۾ هن جو ڪليات ڇپايو، جو مون کي يوسف شاهين تحفي طور ڏنو ۽ تازو ”ميراجي ايک مطالعه“ جي نالي سان ميراجي جي فني مطالعي تي هڪ وڏو ۽ مفيد ڪتاب لکيو اٿائين.