لينن
(1824ع کان 1870ع تائين)
ولادمير اِلچ اليانوف هن جي ٻن نالن مان هڪ هيو. هو روس جو ڪميونسٽ اڳواڻ هو، جنهن جو ڄم 22 اپريل 1870ع تي سمبرسڪ (هاڻي اليانووسڪ) ۾ ٿيو هو. جو هڪ وولگا نديءَ تي صوبائي شهر هو. ٻيو فرضي نالو اين. لينن، هن پوءِ پاڻ تي رکيو ۽ انهيءَ نالي هيٺ ئي هن جي شهرت ٿي. ”اين“ لفظ نڪولائيءَ لاءِ مخفف سمجھيو ويو. لينن جو پيءُ جيڪو پبلڪ اسڪولن جو ڊائريڪٽر هيو، تنهن کي پنهنجي وفاداريءَ سان خدمت سبب ڪافي عرصي لاءِ زار خطاب ڏنو هيو. لينن جي ماءُ هڪ طبيب جي ڌيءَ هئي، ڪافي پڙهيل هئي ۽ چڱي موسيقار هئي. لينن هڪ وچولي گھراڻي جي خوشحال ننڍپڻ گذاري ۽ خاص ڪري پنهنجي ڀاءُ الينگزانڊر سان ڏاڍي محبت هئي جو هن کان 3 سال وڏو هيو. 1879ع ۾ هو پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ شروعات کان وٺي هڪ تمام سٺو شاگرد تسليم ڪيو ويو.
1886ع ۾ هن جو پيءُ مري ويو، پر هُن جي خاندان کي پينشن ملندي رهي ۽ هن کي ڪجھه ذاتي ملڪيت مان به اپت ٿي. ٻي سال 13 مارچ تي اليگزانڊر کي سينٽ پيٽرسبرگ ۾ (جنهن تي پوءِ لينن گراڊ نالو پيو هو) گرفتار ڪيو ويو، ڇاڪاڻ جو هو هڪ انقلابي گروهه ۾ شريڪ هو، جنهن زار اليگزانڊر 3 جي قتل جي سازش ڪئي هئي. هن جي ڀاءُ جي موت هن جي خيالن تي گھرو اثر ڇڏيو، پر اهڙي ڪا گواهي نه آهي ته هو ڀاءُ جي پلئه لاءِ انقلابي بڻيو. (جڏهن مان لينن گراڊ ويو هوس تڏهن مون کي زار جو اهو قيد خانو ڏيکاريو ويو هو، جتي هن صرف لينن جو ڀاءُ نظر بند هيو، پر ساڳي قيد خاني ۾ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو قيد رکيا ويا هيا. مثلاً مشهور ناول نويس دوستو وسڪي وغيره. دوستو وسڪيءَ کي به موت جي سزا ڏني وئي هئي. ۽ جڏهن هن سان گڏ سازش ۾ شامل ٻين چئن ڏوهارين کي گوليون هڻي ماريو ويو ۽ پوءِ دوستو وسڪيءَ کي گولي فائر ڪرڻ کان اڳ اکين تي پٽي ٻڌي ۽ اها ٿوري وقت بعد کولي، کيس ٻڌايو ويو هو ته زار هُن کي معافي ڏني آهي. انهيءَ واقعي دوستو وسڪيءَ تي ايترو گھرو اثر ڪيو جو هن جي ساري زندگي بدلجي وئي ۽ ان کان پوءِ هن جيڪي ڪجھه لکيو ان ۾ مسيحيت کي انسان ذات جي نجات سمجھيو.)
لينن پنهنجي تعليم سمبرسڪ جي سيڪنڊري اسڪول ۾ برک اعزاز سان پوري ڪئي. ۽ 1887ع جي آخر ۾ ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ قانون پڙهڻ لاءِ داخلا ورتائين. 17 ڊسمبر تي هن کي يونيورسٽي بدر ڪيو ويو. ۽ ڪازان جي هڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ جلاوطن ڪيو ويو. جتي هن جي خاندان کي ٿوري گھڻي ملڪيت هئي. اتي هو پنهنجي مائٽن ۽ دوستن سان رهندو هو، جيتوڻيڪ هن تي پوليس جي نظرداري رهندي هئي. 1888ع ۾ هن کي ڪازان واپسيءَ جي اجازت ملي. پر هن کي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا کان انڪار ڪيو ويو. 1889ع ۾ هن کي وولگا ڪناري تي سمارا شهر منتقل ڪيو ويو، جتي هن قانون سکيو ۽ روس کان سواءِ ٻاهرين ٻولين جي ڄاڻ به حاصل ڪئي. (خاص طور جرمن ٻولي ، جيئن هو ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ انجلس جا ڪتاب پڙهي سگھي) هن روسي اقتصاديات تي به مهارت حاصل ڪئي. آخر ۾ هن کي انگريزي، فرانسي، المانوي، اطالوي، پولش ۽ سُويڊش تي ڪافي گرفت اچي وئي. 1891ع ۾ هن قانون جو امتحان پاس ڪيو ۽ سمارا موٽي آيو ۽ وڪالت شروع ڪيائين. جيتوڻيڪ گڏوگڏ هو مارڪس جو مطالعو ڪندو رهيو. 1893ع جي آخر ۾ هو سينٽ پيٽرسبرگ لڏي ويو، ۽ هڪ پيشه ور انقلابيءَ جي حياتي اختيار ڪيائين. هن پيپلز پارٽي (ناروڊ نِڪي) جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن ان ڳالهه تي اصرار پئي ڪيو ته روس جي اقتصاديات زرعي رهندي. لينن چيو ٿي ته روس ۾ تمام تيزيءَ سان صنعتون قائم ڪيو وڃن، ڇو ته اهي انقلابي ذهنيت واري پرولتاريت پيدا ڪنديون، جيئن يورپ جي ڪجھه ٻين صنعتي مُلڪن ۾ ٿي هئي ۽ اها ڪميونسٽ انقلاب لاءِ رستو کولي ڇڏيندي.
انهيءَ دؤر ۾ لينن پاڻ کي بحث مباحثي جو ماهر ۽ مارڪسزم جي عقيدي جو پڪو پابند ثابت ڪيو. 1895ع جي بهار ۾ هو بيمار ٿي پيو ۽ هن کي نمونيا ذري گھٽ نهوڙي نيو هو. انهيءَ ڪري 1895ع جي اپريل ۾ هن چار مهينا سئٽزرلئنڊ، پئرس ۽ برلن ۾ گذاريا، جتي هُن روسي انقلابين سان رابطو پيدا ڪيو، خاص ڪري پليخانوف ۽ ان جي پوئلڳن سان. جڏهن هو پيٽرسبرگ موٽيو تڏهن هن هڪ زير زمين انقلابي گروهه منظم ڪيو، جنهن جو نالو هيو ”محنت ڪش طبقي جي آزاديءَ جو اتحاد“ ۽ پاڻ کي مارڪسي پرچار ۾ مصروف رکيائين. هن کي پنهنجي ڪم ۾ ناديزدا ڪُرپسڪايا مدد ڪئي، جنهن سان پوءِ هن شادي ڪئي. (مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته لينن ۽ هن جي زال شاديءَ رات روس ۾ زرعي اقتصاديات تي گڏجي 70 صفحا لکيا ها ۽ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ جڏهن هو ڪنهن نديءَ ۾ ڪشتي راني ڪري رهيا هئا، ته لينن پنهنجي زال کي چيو هو ته: ”سويڊن جي اديب نٽ هئمسن جو ناول ”بک“ ڪهڙو نه چڱو آهي!“ جنهن تي هن جي زال کيس چيو هو ته: ”نَٽ هئمسن ته ڪيئي ناول لکيا آهن پر توکي صرف ”بک“ ڇو پسند آهي؟“ ان تي لينن کيس سختيءَ سان جواب ڏنو هو ته: ”انهن سڀني ناولن مان توکي فقط ”بک“ ڇو ناپسند آهي؟“)
ڊسمبر 1895ع ۾ هن کي انقلابي سرگرميءَ سبب گرفتار ڪيو ويو. هو اٽڪل چوڏنهن مهينا جيل ۾ رهيو، جنهن دوران هن تمام گھڻو مطالعو ڪيو ۽ پنهنجي مشهور ڪتاب “The development of Capitalism” جي لاءِ تياري ڪئي. انهيءَ وقت ۾ هن پارٽيءَ جي پروگرام جو منشور به ٺاهيو. فيبروري 1897ع تي لينن کي وچ سائبيريا ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، جتي هن جو مطالعو جاري رهيو ۽ هو پنهنجي ڪتاب تي ڪم ڪندو رهيو. مئي 1898ع ۾ هن سان ڪُروپسڪايا به اچي شامل ٿي، جنهن کي آگسٽ 1896ع تي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ سندن شادي ٿي.
انهيءَ جلاوطنيءَ ۾ لينن کي ڪتاب، رسالا، اشتهار ۽ اخبارون ملنديون رهيون ۽ هن پنهنجي خاندان، دوستن ۽ انقلابي ساٿين سان تمام گھڻي خط و ڪتابت ڪئي. اهو دؤر هيو، جڏهن هن پاڻ تي فرضي نالو اين. لينن رکيو. 1890ع ۾ لينن جو سرمائيداريءَ جي ترقيءَ تي ڪتاب شايع ٿيو، جنهن تي هن جو فرضي نالو ولادمير لينن ڏنو ويو. 11 فبروري 1900ع تي هن جي جلاوطنيءَ جو مدو پورو ٿيو ۽ لينن سائبيريا مان سينٽ پيٽرسبرگ روانو ٿيو. هتي هن روس کان ٻاهر لاءِ پاسپورٽ هٿ ڪيو. ۽ 17 جولاءِ 1900ع تي جرمني ويو، جتي هن ميونخ شهر ۾ قيام ڪيو. اتي هن پنهنجو پاسپورٽ ڦٽِي ڪري ڇڏيو ۽ هڪ فرضي نالي هيٺ رهندو رهيو ۽ ان کان پوءِ بلغاريه جو پاسپورٽ ورتائين. ميونخ ۾ لينن، پليخانوف جي ٽولي سان گڏجي ”اَسڪرا“ اخبار ڪڍي ۽ هڪ تبصرو / تنقيد “Dawn” (پرهه) جي نالي سان شايع ڪيو. روسيءَ ٻوليءَ ۾ اسڪرا جي معنى چڻنگ آهي، ۽ لينن جو خيال هو ته اها چڻنگ ڪڏهن ڀنڀٽ ٿيندي. ان کي روس ۾ اسمگل ڪيو ويو، جتي زير زمين ڇاپي خانن ۾ ٻيهر ڇاپي هيٺ آئي ۽ اها هڪ اهم انقلابي اخبار سمجھي وئي. 1901ع جي بهار ۾ لينن جي جلاوطني پوري ٿي ۽ ڪُروپسڪايا به ميونخ ۾ اچي لينن سان ملي ۽ اسڪرا جي ادارتي بورڊ جي سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. 1901 – 1902ع واري سياري ۾ لينن ٻه پمفليٽ What is to be done (ڇا ڪيو وڃي؟) جي عنوان سان لکيا، جن ۾ هن مارڪسيت جي با ضابطگيءَ سان پابنديءَ تي زور ڏنو ۽ سخت ۽ ڪرڙي انتظام جي ضرورت ڏيکاري، جنهن ۾ ڪنهن به تحمل جي گنجائش ڪونه هئي، ۽ انقلابي نظرئي کي پرولتاريت جي آمريت تائين ڪيئن به پهچائڻو هو. پهرين اپريل 1902ع تي هو لنڊن ويو، جتي مئي 1903ع تائين ترسيو ۽ ان کان پوءِ جنيوا ۾ قيام ڪيائين. 30 جولاءِ 1903ع تي روسي سوشل ڊيموڪريٽڪ ورڪرس پارٽي جي ٻي ڪانگريس بروسيلز ۾ ٿي، پر ڪجھه ميٽنگن کان پوءِ هو وري لنڊن آيو، ڇاڪاڻ ته هن کي بيلجيم جي پوليس تنگ ڪري رهي هئي. اتي هن جي پارٽيءَ ۾ ڦوٽ پئي ۽ اها ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. هڪڙا بالشيوڪ هيا، جنهن جي معنى گھڻائي آهي ۽ ٻيا مين شيوڪ هيا جنهن جي معنى ٿورائي آهي.
بهر صورت اسڪرا لينن جي هٿ ۾ نه رهي ، جا هڪ مينشيوڪ اخبار بڻجي وئي. جنوري 1905ع ۾ لينن جي نئين اخبار ”فارورڊ“ (اڳتي قدم) جو پرچو شايع ٿيو. (مون جو رسالو 1946ع جي آخر ۽ 47 جي شروعات ۾ ايڊٽ ڪيو هو، ان جو نالو به ساڳيو هيو.)
آڪٽوبر 1905ع ۾ روسي پڌرنامي جي شايع ٿيڻ کان پوءِ (جنهن ۾ سياسي آزاديءَ جو تحفظ ڏنو ويو هو،) لينن روس موٽي آيو ۽ سينٽ پيٽرس برگ ۾ هڪ فرضي نالي هيٺ قيام ڪيائين. اتي هن باليشوڪ اخبار ”نئين زندگي“ جي نالي سان شايع ڪئي. اپريل 1906ع ۾ لينن اسٽاڪ هوم، سويڊن ۾ چوٿين پارٽي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ تشدد تي هڪ انقلابي ذريعو قائم ڪرڻ تي زور ڏنو، پر اڪثريت هن سان شامل راءِ نه ٿي. هو پوءِ سينٽ پيٽرس برگ موٽي آيو ۽ نائين مئي 1906ع تي عوام جي اڳيان پيش ٿيو ۽ پنهنجي فرضي نالي ڪارپوف هيٺ هڪ عوامي گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪيائين. 1906ع جي آخر ۾ هن سينٽ پيٽرس برگ ڇڏي ۽ فِنِ لئنڊ ۾ اچي رهيو، جتي هن کي گرفتاريءَ جو ڀَو گھٽ هيو، ان وقت هن ڊيوما (قانون ساز اسيمبلي) سان پنهنجو رويو ڦيرايو، جنهن جي لاءِ هن پهريائين بالشيوڪن کي بائيڪاٽ ڪرڻ تي آماده ڪيو هو. هن کين چيو ته 2 جون جي اليڪشن ۾ حصو وٺن، جيئن هو پنهنجي پروپئگنڊا به ڪري سگھن ۽ گڙٻڙ به ڦهلائي سگھن. 1907ع جي بهار ۾ هن لنڊن ۾ پنجين پارٽي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي. جتي بالشيوڪ پروگرام قبول ڪيو ويو ۽ هن کي مرڪزي ڪاميٽيءَ تي کنيو ويو. ساڳي سال جي آخر ۾ هن اِلسٽرٽگارٽ ۾ ٻي بين الاقوامي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڻ کي اقليت ۾ پاتو. ان کان پوءِ هو فن لئنڊ موٽي آيو. پر ڏٺائين ته هن تي چؤڪسي ٿي رهي هئي، ان ڪري هو 1907ع ۾ جنيوا هليو ويو ۽ اتي فيبروري 1908ع ۾ نئين اخبار ”پرولتاري“ ڪڍيائين. هو هڪ نئين ڪتاب “Materialsim and Empirio Criticism” تي ڪم ڪري رهيو هو، جو 1909ع ۾ شايع ٿيو. ان کان اڳ ۾ هو برٽش ميوزم لنڊن ۾ ڪجھه مطالعي لاءِ ويو. ڊسمبر 1908ع ۾ لينن، پئرس ويو. انهيءَ ساري عرصي ۾ هُن کي پنهنجي خانداني ملڪيت مان ڪجھه پئسا ملندا رهيا، ۽ هن جي ماءُ به هن کي ڪجھه رقم موڪليندي هئي. 1910ع جي بهار ۾ هن ڪوپن هيگن ۾ هڪ بين الاقوامي سوشلسٽ ڪانگريس ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن جي پروگرام تي مينشيوڪن ڏاڍي جُلهه ڪئي. 1911ع جي اونهاري ۾ پيرس جي ويجھو لينن انقلابين جو هڪ اسڪول ٺاهيو، ۽ ساڳي وقت هڪ بالشيوڪ روزاني اخبار سينٽ پيٽرسبرگ مان ڪڍي، جا 1912ع ۾ ”پروڊا“ (جا هاڻي بند ٿي چڪي آهي) جي نالي شايع ڪئي. روس جي ويجھو ٿيڻ لاءِ لينن، جولاءِ 1912ع ۾ ڪراڪوف هليو آيو. 7 آگسٽ 1914ع تي جڏهن پهرين مهاڀارائي لڙائي شروع ٿي چڪي هئي، هن کي آسٽريا جي پوليس روسي جاسوس سمجھي گرفتار ڪيو. هو 11 ڏينهن جيل ۾ هيو ۽ ان کان پوءِ هُن جي دوستن وچ ۾ پوڻ ڪري هن کي سئٽزرلينڊ اُماڻيو ويو، جتي هو برن نالي شهر ۾ ترسيو. اتي پهرين نومبر 1914ع تي هن هڪ پڌر نامو شايع ڪيو، جنهن ۾ جنگ ڪندڙ ملڪن ڏانهن سوشلسٽن جي روش کي ننديو ويو ۽ محنت ڪشن کي اپيل ڪئي وئي ته هو سامراجي جنگ کي خانه جنگيءَ ۾ بدلائين. ساڳي دستاويز ۾ هن ٽين انٽرنيشنل (پوري دنيا ۾ ڦهليل ڪميونسٽن جي تنظيم جا پهرين ٻن تنظيمن کان پوءِ وجود ۾ آئي هئي) جو بنياد رکيو. 1916ع ۾ هو زيورچ ويو، (مون سولزي نِٽسن جي ڪتاب “Lenin in Zurich” جو مطالعو ڪيو آهي، جنهن ۾ لينن جي زندگي جا نهايت دلچسپ واقعا ڏنل آهن) ساڳي سال جي آخر ۾ هن پنهنجو نئون ڪتاب “Emperialism, the higher stage of Capitalism” (سامراج، سرمائيداري جو اوچو درجو) لکيو. مارچ 1917ع ۾ روسي انقلاب کان پوءِ هن پنهنجي وطن موٽڻ جي بي انتها ڪوشش ڪئي. جڏهن هن کي اهو احساس ٿيو ته هو فرانس ۽ انگلنڊ مان سفر نه ڪري سگھندو ته هن پنهنجي Swiss (سئز) دوستن جي مدد سان جرمنيءَ مان سفر ڪيو، هن سئٽزرلينڊ 9 اپريل 1917ع تي ڇڏيو، ۽ پيٽروگراڊ ۾ 16 اپريل تي پهتو، (مون هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته جڏهن لينن جرمنيءَ مان نديءَ تي ڇانيل برف مٿان وڃي رهيو هو ته اوچتو برف ٽٽي پئي ۽ هن جي هڪ ڄنگھه پاڻيءَ ۾ هلي وئي. کيس زبان تي فقط اهي لفظ آيا ”ڪهڙو نه واهيات موت آهي“) ٻي ڏينهن تي هن پارٽي ڪانفرنس ۾ پنهنجي ٻاويهين ٿيسز پڙهي، جنهن ۾ هن گھر ڪئي ته بورجوا انقلاب کي سوشلسٽ انقلاب ۾ بدلايو وڃي ۽ نعرو ڏنو وڃي ته اسان کي صوبائي حڪومت ۾ ڪوبه اعتبار ناهي. ان وقت هن کي بالشيوڪ پارٽي جي سرگرم رهنمائي سپرد ڪئي وئي. 17/16 جولاءِ جي ناڪامياب بغاوت کان پوءِ، جڏهن سرڪار هن جي ڳولا ڪئي ته لينن روپوش ٿي ويو؛ پهريون هو پيٽرو گراڊ ۾ (جا جاءِ مون ڏٺي هئي ان ۾ اهي رسالا ۽ اخبارون جي لينن اتي پڙهندو هو، هن جو ڪُوڙو پاسپورٽ، هن جا دوستن سان گڏ فوٽو گراف وغيره به رکيل هيا. تعجب جي ڳالهه آهي ته انهن فوٽن ۾ ٽراٽسڪيءَ جو فوٽو ڪونه هو.)
ان کان پوءِ لينن، فنلينڊ جي سرحد تي ڪنهن جھوپڙيءَ ۾ ڇُپيل رهيو ۽ پوءِ هيلسنڪيءَ فنلينڊ ۾. آگسٽ ۾ هن جو ڪتاب ”بالشيوڪ ۽ انقلاب“ ڇپيو، جنهن ۾ هن ڏيکاريو ته انقلابين جي رياست ڏانهن ڪهڙي رَوَش هجڻ گھرجي. سيپٽمبر ۾ هو روس جي سرحد جي ويجھو اچي رهيو. 16 آڪٽوبر تي هن پنهنجن پوئلڳن کي اقتدار تي يڪدم قبضو ڪرڻ لاءِ چيو. چئن ڏينهن کان پوءِ هو پيٽرو گراڊ ۾ چمڙا پوش ڪري آيو. هن جي ڏاڙهي ڪوڙيل هئي ۽ هن ڳاڙهي وِگِ پاتي هئي . 23 آڪٽوبر تي لينن جو پيش ڪيل ٺهراءُ ته اقتدار تي يڪدم قبضو ڪيو وڃي ، پارٽي جي مرڪزيءَ ڪاميٽيءَ بحال ڪيو ۽ 6 نومبر تي هو سمالني ۾ فوجي انقلابي ڪاميٽي جي صدر مڪان تي آيو ۽ يڪدم بغاوت لاءِ فوج کي اڀاريائين. 7 نومبر تي هن پڌرنامو شايع ڪيو، جنهن ۾ صوبائي حڪومت جي ڊهي پوڻ جو اعلان ڪيو ۽ نومبر 8 تي سوويٽن جي ٻيءَ ڪانگريس ۾ بالشيوڪ انقلابي کي هڪ قانوني حيثيت ڏني، ۽ امن ۽ زمين جي باري ۾ لينن جا فرمان جاري ڪيا ويا. نومبر 9 تي لينن پهرين بالشيوڪ سرڪار ٺاهي، ۽ جنهن ۾ کاٻي ڌر جي سوشلسٽ انقلابين کي پورٽ فوليو ڏنا ويا، ۽ جنهن کان پوءِ هو عوامي ڪميسارن جي سوويٽ جو پهريون چيئرمين چونڊيو ويو. فيبروري 1918ع جي هنگامي دؤر ۾ جڏهن مرڪزي قوتن روس ۽ جرمن فوج ۾ جنگ بنديءَ کي ننديو ۽ جرمن فوج ٻيهر روس تي حملو ڪيو، لينن پنهنجي اتحادين کان مدد وٺڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ پراوڊا ۾ 22 فيبروري 1918ع تي اهڙو مضمون لکيائين. ان وقت حڪومت ماسڪو منتقل ڪئي وئي. 18 فيبروري تي لينن جي چوڻ تي مرڪزي ڪاميٽيءَ ٺهراءُ پاس ڪيو، ته جرمنيءَ سان ٺاهه لاءِ ڳالهيون ڪيون وڃن. اهي ڳالهيون بريسٽ – لِٽو وِسڪ ٺاهه تي ختم ٿيون، جو 3 مارچ 1918ع تي ڪيو ويو. آگسٽ 30 تي لينن تي هڪ عورت فينيا ڪپلان، جا هڪ سوشلسٽ انقلابي پارٽي جي تشدد پرست گروهه جي ميمبر هئي، حملو ڪيو. جيتوڻيڪ لينن کي گھرا زخم رسيا، هن جلد ئي وري پنهنجون سياسي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون.6 مارچ 1919ع تي هن ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي پهرين ڪانگريس ماسڪو ۾ سڏائي. مارچ 1921 ع ۾ ڏهين پارٽي ڪانگريس ۾ هن سرڪار جي اقتصادي راڄنيتيءَ ۾ ڦير گھير جي سفارش ڪئي ۽ نيپ (نئين اقتصادي پاليسي) وجود ۾ آئي. تنهن کان پوءِ ماسڪو سوويٽ کي خطاب ڪندي لينن چيو: ”1921ع جي بهار ۾ پتو پئجي ويندو ته اسان پيداوار ۽ تقسيم جو سوشلسٽ بنياد ايتريءَ تيزيءَ سان قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون يا نه، يا ڪجھه سرمائيداريءَ جي باري ۾ معمولي جھڪاءُ ضروري آهي.“ 26 مئي 1922ع تي لينن تي اڌ رنگ جو پهريون حملو ٿيو، پر آڪٽوبر ۾ هو چاق چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ وري پنهنجي ڪم ۾ جُنبي ويو. نومبر 20 تي ماسڪو سوويٽ جي ڀرپور ميٽنگ ۾ هن پنهنجي آخري تقرير ڪئي، جنهن جا پويان لفظ اهي هيا ته: ”روس جي نئين اقتصادي پاليسيءَ (نيپ) مان سوشلسٽ روس اڀرندو.“ 16 ڊسمبر 1922 تي اڌ رنگ جو ٻيو حملو ٿيو، جنهن ۾ سندس ڌڙ جو ساڄو پاسو سُڪي ويو. 9 مارچ 1923ع تي هن تي اڌ رنگ جو ٽيون حملو ٿيو، جنهن ۾ سندس زبان بيهجي وئي. مئي جي وچ ڌاري هن جي صحت ٿوري گھڻي سڌري ۽ هن کي پنهنجي ڪمري مان ڪرملين نيو ويو. آڪٽوبر ڌاري هو وري گھُمي سگھيو، پر ڳالهائڻ کان معذور رهيو. 21 جنوري 1924ع تي لينن تي فالج جو آخري حملو ٿيو، جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو. 27 جنوري 1924 تي هن جي لاش کي سُرهاڻيون مکي، (Embalm) ڪري حفاظت سان شيشي جي قبر ۾ ريڊ اسڪوائر جي هڪ وڏي مقبري ۾ رکيو ويو، جتي هو اڃان تائين آهي. مون اها شيشي جي قبر ڏسي، دنيا کي عبرت جي نگاهه سان ڏٺو هيو. مقبري جي ٻاهران روز ڪيترن ماڻهن جي قطار لڳندي هئي ۽ ڪيئي ڪلاڪ بيهڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جو وارو ايندو هو. اڄڪلهه يو. ايس . ايس. آر جي ٽٽڻ کان پوءِ سسُ پُس ٿي رهي آهي ته لينن جي لاش کي اتان هٽايو وڃي. لينن هڪ زماني ساز شخصيت هو. اڻٿڪ لگن هن جي وڏي خوبي هئي. جي اسٽالن هن جي وصيت تي قبضو نه ڪري ها (ڏسو اسٽالن) ته ممڪن آهي ته يو. ايس. ايس. آر جي تقدير ٻي هجي ها. ڪميونزم جي جڙ هر مذهب ۾ آهي. پر لامذهبيت ان مان خدا جو خوف ڪڍي ڇڏيو ۽ اقتدار ۾ آيل انسان خونخوار درندا ٿي پيا، ۽ انسان جو هي خوبصورت خواب ائين ئي تالان والان ٿي ويو. ٽين دنيا جا بکيا ڏکيا ماڻهو اڃان ڪنهن اهڙي فلسفي ۽ سياسي نظرئي لاءِ سرگردان آهن، جو کين سياسي ۽ اقتصادي بي انصافيءَ کان بچائي سگھي. دنيا Unipolar ٿي وئي آهي. ممڪن آهي ته آمريڪا سائوٿ ايشيا ۾ چڱو ڪردار ادا ڪري، جيتوڻيڪ ان مان اقتصادي ڀلائيءَ جي اميد اجائي آهي. پر جڏهن چين ۽ روس، ٻئي آمريڪا جي پيرن ۾ ڪريا آهن، تڏهن اسان ۾ جا ڪميونزم آمريڪا لاءِ سخت نفرت پيدا ڪئي هئي، سا بي معنى ٿي لڳي.
لينن جي ياد اچي ٿي ته غالب جو شعر دل تي تري اچي ٿو:
سب کہاں کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں،
خاک میں کیا صورتیں ہونگیں کہ پنہاں ہوگئیں۔
جيتوڻيڪ لينن جي صورت اڃان خاڪ ۾ پنهان نه ٿي آهي، پر لڳي ائين ٿو ته پنهان ٿيڻ واري آهي.