امام رازي
(543 هجري کان 609 هجري تائين)
اسلام جا جيڪي اڪابر فيلسوف ٿي گذريا آهن، انهن مان هڪ هيو. هن جو نالو محمد ابو عبدالله هيو ۽ هرات ۾ هن کي شيخ الاسلام جي نالي سان سڏيندا هيا. هن جي تعليم و ترتيب هن جي پيءُ ڪئي ۽ هن کانئس علم – ڪلام ۽ علم – فقه جي تعليم حاصل ڪئي. پيءُ جي وفات کان پوءِ ڪمال سمناني کان وڌيڪ تعليم ورتائين. ان کان پوءِ هن علم حڪمت ڏانهن توجھه ڪئي ۽ ”ري“ ۾ (جتي هو ڄائو هو) موٽي آيو ۽ اتي حڪمت جي علم ڏانهن ڌيان ڏنائين. هو پنهنجي دؤر جو وڏو واعظ، متڪلم، صوفي، محدث، اديب ۽ انشاپرداز هيو. 63 سالن جي عمر ۾ هو عيدالفطر جي ڏينهن هرات ۾ گذاري ويو. هن موت جي وقت سڀ ٻانها ۽ ٻانهيون آزاد ڪري ڇڏيا ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي مال مان ڪجھه نه ڪجھه ڏنائين. چيو وڃي ٿو ته هن مرڻ مهل 80 هزار اشرفيون ڇڏيون. جنهن طرح شيخ بوعلي سينا ۽ ابو نصر فارابي ارسطوءَ جي فلسفي جا پوئلڳ هيا ۽ مشهور ٿي چڪا هيا، تنهن طرح امام رازيءَ کي وري ارسطوءَ تي اعتراض سبب ناموري ملي هئي. مولانا شبلي مرحوم علم الڪلام ۾ لکيو آهي ته هن جي فلسفي جو علم الڪلام سان ايترو تعلق هيو جو جيڪي به مسئلا اسلام جي خلاف هيا، انهن کي هن باطل ثابت ڪيو ۽ ڇاڪاڻ جو متڪلمين (هڪ اسلامي فرقو) انهيءَ تي راضي نه ٿيا، هن يوناني فلسفي جون غلطيون ثابت ڪيون. پر ان طرح يوناني فلسفي جو ترجمو ٿيو ۽ اٽلو ماڻهو ان جا پوئلڳ ٿي ويا.
تاريخ حڪماءِ اسلام ۾ هن تي ڪافي وڏو مضمون آهي ۽ هن تي هڪ الڳ ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي. علامه اقبال لاءِ رومي ۽ رازي به اسلام جي باري ۾ علامتون آهن ۽ هن جو مشهور شعر آهي:
اسی کشمکش ميں گذريں ميری زندگی کی راتيں،
کبهی سوز و ساز رومی، کبهی پيچ و تابِ رازی.
(انهيءَ ڪشمڪش ۾ گذريون، منهنجي زندگيءَ جون راتيون، ڪڏهن روميءَ جو سوز و ساز ۽ڪڏهن رازيءَ جو پيچ و تاب.)