گئريبالڊي (Garibalidi)
هو اطالوي شاعر ليوپارڊيءَ جو همعصر هو. هو اطالوي سپاهي، محب وطن ۽ انقلابي هو ۽ هُن اٽليءَ جي اتحاد ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. هو نائيس (Nice) ۾ 1807ع ۾ ڄائو هو، جا فرانس جي حد اندر هئي، پر اها 1815ع ۾ اطالوي حڪومت کي ڏني وئي هئي. هو پهريون وکر جي ٻيڙين تي خلاصي هوندو هو، جي ڀونچ سمنڊ کان ڪاري سمنڊ تائين هاڪاريون وينديون هيون. جوانيءَ ۾ پنهنجي جهاز جو ڪماني هيو. 1833ع ۾ هن جي مئزنيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن جي انقلابي قوميت هن جي تصور کي اڳيئي گرمايو هو. پوءِ گئريبالڊي، مئزنيءَ جي تحريڪ ”نوجوان اٽليءَ“ ۾ شريڪ ٿيو، جنهن جو مقصد اٽليءَ تي ٻاهرين حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ اٽليءَ کي متحد ڪرڻ هو. گئريبالڊي آرماڙ ۾ شامل ٿيو، جيئن ان ۾ بغاوت ڦهلائي سگھي. 1834ع ۾ هن جي سازش پڪڙجي پئي ۽ هن کي هن جي غير حاضريءَ ۾ موت جي سزا ڏني وئي. هن ڪيئي سال جلاوطنيءَ ۾ ڏکڻ آمريڪا ۾ گذاريا، ۽ 1830ع کان 1841ع تائين هو زئو گرانڊيءَ جي باغي حڪومت سان گڏجي برازيل جي سلطنت خلاف وڙهيو. 1842ع ۾ پنهنجيءَ زال انيتا سان گڏ مانٽي وڊيو اُرگئاءِ ويو جتي هو ٻي خانه جنگيءَ ۾ وچڙي ويو. هن هڪ اطالوي فوج جو بنياد وڌو ۽ ڪيئي جنگيون ڪيون ۽ رومانوي جوکا کنيا ۽ پنهنجي سورهيائيءَ سبب مشهور ٿيو. 1848ع ۾ هو اٽليءَ موٽي آيو، جو اتي انقلابن جو سال هيو. اتي هو آسٽريا خلاف مِلان جي جمهوريت لاءِ جنگ ۾ وڙهيو. ٻي سال هن تازو فرانس جي خلاف ٺاهيل رومن جمهوريت جي دفاع کي ترتيب ڏني. اتي جڏهن هن جي هار ٿي ته آسٽريا، فرانس، اسپين ۽ نيا پاليٽن قوتون هن جي ڪڍ پئجي ويون. ان کان پوءِ هن جي زال انيتا مري وئي ۽ هن کي پڪڙي جلاوطن ڪيو ويو. 1850ع ۾ هو نيو يارڪ ويو، جتي هن موم بتين جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪيو ۽ اتان پوءِ ڏکڻ آمريڪا ۽ چين سوداگريءَ جي بحري جهاز ۾ ويو. 1854ع ۾ هن کي گھر موٽڻ ڏنو ويو. جڏهن هو پنهنجي جواني جلاوطنيءَ ۾ گذاري چڪو هو، تڏهن هن جو مئزنيءَ ۽ جمهوريت پسندن سان جھيڙو ٿي پيو ، هن پائيڊمانٽ (Piedmont) جي بادشاهه، امئينيوئل سان ٺاهه ڪيو، بشرطيڪه هن اٽليءَ جي الڳ الڳ هنڌن کي متحد ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي. اهڙي طرح ڪوششون ڪندي، نيٺ جڏهن پائيڊمانٽ، آسٽريا ۽ فرانس خلاف جنگ ڇيڙي، ته گئريبالڊيءَ هڪ فوجي حصي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنگ تڏهن ختم ٿي جڏهن هنن اٽليءَ جو شهر لومبارڊي اٽليءَ ۾ شامل ڪيو، پر ڪجھه حصا اڃا آسٽريا سان رهيا. لومبارڊي، ڪيور (Cavour) سان رستو ڇني ڇڏيو. سيپٽمبر 1859ع ۾ هو فلارنس ويو، جتان هن روم تي ڪاهه ڪئي، جيئن پوپ جي دنيوي اقتدار کي ڌڪ ڏئي.
1860ع ۾ گئري بالڊي ڪيوَر فرانس کي نائيس (Nice) ڏئي ڇڏي جو گئريبالڊيءَ جو اباڻو شهر هو. ان تي ڪاوڙجي هن فقط هڪ هزار ”ڳاڙهي ورديءَ“ واري فوج وٺي سِسليءَ تي ڪاهي آيو، جتي اڳيئي فرانس جي خلاف بغاوت ٿي چڪي هئي. هڪ عجب جهڙيءَ مُهم کان پوءِ، گئريبالڊيءَ سسليءَ کي متحد ڪيو. (فرانس جي قبضي ۾ ٻه سسليون ۽ نيپلس هئي) ۽ ان کي پنهنجيءَ شخصيءَ آمريت هيٺ آندو. هو پوءِ مهاديپ تي ڪاهي آيو ۽ نيپلس فتح ڪيائين. نيٺ هن تي ايترو دٻاءُ پيو جو هن ٻنهي سسلين جي آمريت وڪٽر امئنيوئل (Victor Emmanuel) کي ڏني ۽ نيپلس به ڇڏي ڏنائين. هن جي اتحاد لاءِ ايتري ڪوشش ڏسي، نئين اطالوي حڪومت گئريبالڊيءَ کي وينس ۽ روم تي ڪاهڻ لاءِ همٿايو. 1862ع ۾ هن آسٽريا ۽ آلپس پهاڙ جي انهيءَ ايراضيءَ تي حملو ڪيو، جنهن جي اٽلي دعوا ڪري رهي هئي. ان کان پوءِ هن سسليءَ کان روم ڏانهن ٻيو ڪوچ ڪيو؛ پر اطالوي حڪومت سفارتي سببن جي ڪري ڇرڪي وئي ۽ فوج سان چڪريءَ ۾ گئريبالڊي ڦٽجي پيو. 1886ع ۾ هن ٻيهر پاڻ مرادو آڇيل سپاهين سان آسٽريا تي حملو ڪري ڪجھه ڌرتيءَ ٽڪرو اٽليءَ لاءِ حاصل ڪري پاڻ ملهايو. ٻي سال وري حڪومت هن کي روم تي قبضي ڪرڻ لاءِ همٿايو، پر پوءِ هن سان دغا ڪئي ۽ فرانس کي ڇيڪ ڇڏيائون ته هُن کي شڪست ڏني. هن جي پوئين فوجي مهم اها هئي ته فرانس جي فوج سان گڏجي 1875ع ۾ پرشيا تي حملو ڪيو. اتي هن پنهنجو نالو ڪڍيو ۽ فرينچ قومي اسيمبليءَ تي چونڊيو ويو، جيتوڻيڪ هو ان ۾ ڪڏهن به نه ويٺو. هو ڪجھه وقت اطالوي پارليامينٽ ۾ رهيو ۽ هميشه لاءِ عوامي زندگيءَ کان ڪناره ڪشي ڪيائين ۽ حڪومت جي وظيفي تي گذارو ڪرڻ لڳو. پنهنجن پوين سالن ۾ هُن پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي. 2 جون 1882 ع تي هو گذاري ويو. ٿلهي ليکي ڏسجي ته هو سائين جي . ايم سيد وانگر آخر تائين وڙهندو رهيو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد اهنسا وادي آهي ۽ گئريبالڊي دنيا جي عظيم ترين گوريلا جنرلن مان آهي. صحيح يا غلط، جي. ايم .سيد جي جنگ اڃا جاري آهي. هن جي هر ڦرتيءَ گھرتي ۾ ڪائي ڳالهه مُنڊيءَ ۾ هيري جي ٽِڪ وانگر ڏيکاري ڏئي ٿي. هو گئريبالڊي کان عمر ۾ وڏو آهي ۽ اڃان تائين ساهي نه پٽي اٿائين ۽ نه ڪنهن وظيفي تي گذر ڪيو اٿائين. گئريبالڊيءَ وڏو محب وطن هيو ۽ اڌ اٽلي پنهنجي بادشاهه لاءِ فتح ڪئي هيائين، پر هن کي بين الاقوامي لاڙا به هيا ۽ متحده يورپ ۾ اعتبار ڪندو هو ۽ هن پنهنجي قوت هڪ بين الاقوامي اخوت لاءِ صرف ڪئي هئي هو ڪو شاطر ماڻهو نه هو ۽ هن کي هڪ آدرش واديءَ ۽ ديانتدار سياست دان جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هو. پنهنجي دؤر ۾ هو يورپ جو سڀني کان وڌيڪ ڄاتل سڃاتل ماڻهو هو. 1861ع ۾ جڏهن متحده اٽلي وجود ۾ آئي تڏهن هُن انتها پسند کاٻي ڌر جو ساٿ ڏنو ۽ هن جو ان اٽليءَ جي باري ۾ جادو ٽٽي چڪو هو، جا هن پاڻ هٿن سان ٺاهي هئي. هن جي پنهنجي بي صبري جا هن پارلياماني نظام لاءِ ڏيکاري، هُن کي آمريت جي طرف وٺي وئي ۽ عمر جي آخري ۾ هن پاڻ کي سوشلسٽ ڪوٺيو. هو چرچ جي خلاف هو، جا پوپ جي طاقت کي بچائڻ لاءِ متحده اٽليءَ جي مخالف هئي.