مولانا ابو الڪلام آزاد
(1888ع کان 1958ع تائين)
دين جو عالم، انشا پرداز ۽ سياستدان هيو. هن جو نالو معيح الدين احمد ۽ تخلص آزاد هيو. هن جي پيءُ جو اباڻو وطن دهلي ۽ ماءُ جو وطن مدينو هيو. هن جو پيءُ مولانا خير الدين آزاديءَ جي جنگ کان پوءِ مڪي ۾ رهي پيو ۽ هن جي ماءُ سان مديني ۾ نڪاح ڪيائين. مولانا آزاد 11 نومبر 1888ع ۾ مڪي معظم ۾ پيدا ٿيو. هن کي پنج ڀينرون ۽ ڀائر هئا، جن ۾ هي سڀني کان ننڍو هو، 1898ع ۾ مولانا خيرالدين ڪلڪتي آيو، جتي مولانا آزاد جي ماءُ گذاري وئي. هن جي پيءُ هن کي مشرقي علم سيکاريا هيا ۽ هن قرآن شريف مڪي ۾ ئي ختم ڪيو هو. هن جو گھريلو ماحول ديني عظمت سان ٽمٽار هيو. انهيءَ ڪري مولانا آزاد وقت کان اڳ ئي سنجيده ٿي ويو ۽ ڪيئي ڪتاب پڙهيائين. هن جي پيءُ هن کي عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏني، پر کيس اردو ڪتاب پڙهڻ کان منع ڪيائين. تنهن هوندي به مولانا چوريءَ چوريءَ اردو ڪتاب پڙهندو رهيو.
انهيءَ زماني ۾ مولانا کي شاعريءَ جو به شوق ٿيو. پهريائين اردوءَ پوءِ فارسي ۾ شعر لکندو هو. ان جو پهريون غزل پنهنجي رسالي ”ارمغانِ فرخ“ ۾ شايع ٿيو، هن کانسواءِ لکنوءَ جي ”خدنگ – نظر“ ۽ ”پيام – يار“ ۾ باقاعده غزل ڇپجڻ لڳا. 1900ع ۾ هن فارسيءَ جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ 1903ع ۾ درس – نظاميه کان فارغ ٿيو. باقي ٻيا جيڪي علم هيا ان ۾ هن پاڻ دسترس حاصل ڪئي. پهريائين فرانسيءَ ۾ پوءِ انگريزيءَ ۾ ڪيئي ڪتاب پڙهيائين. جيئن ته هن کي شاعريءَ جو شوق ڏاڍو وڌي ويو، ان ڪري هڪ گلدستو ڪڍڻ جو خيال ڪيائين. ان وقت هو مولوي ظفر الحسن ”شوق“ کان اصلاح وٺندو هو. هن کي غزل ۾ ايتري قوت بيان هئي، جو ماڻهن کي هن جي عمر جي باري ۾ شڪ پوندو هو. 1904ع ۾ جڏهن هو مولانا شبليءَ سان مليو هو ته ان هن کي چيو هو ته:
”ابوالڪلام تنهنجو والد آهي!“
جنهن تي مولانا جواب ڏنو:
”مان خود آهيان“
مولانا جي حاضر جوابي ڏسي شبلي حيرت ۾ پئجي ويو.
انهيءَ زماني ۾ مولانا؛ ابن رشد، امام غزالي، سرمد ۽ مولوي محمد حسين آزاد جهڙا مصنف پڙهيا ۽ مختلف علمن تي ڪتاب ڪٺا ڪيا. نيٺ عبدالرحيم دهلوي ۽ مولوي ڪبير الدين، اردو گائيڊ ڪلڪتي جي مالڪ جا ڪتب خانا خريد ڪيا. ان سان گڏ هن تحرير ، تقرير ۽ ترجمي جو ڪم شروع ڪيو. مولوي رضا علي وحشت ”انيس الاسلام“ نالي هڪ انجمن قائم ڪئي، جتي هو باقاعدي ليڪچر ڏيندو هيو. مولانا جي صحافتي زندگي ”نورنگ عالم“ سان شروع ٿئي ٿي. ان کانپوءِ هن باقاعدي هڪ ماهوار رسالو ”لسان الصدق“ ڪلڪتي مان ڪڍيو، جو 20 نومبر 1903ع تائين جاري رهيو. انهيءَ زماني ۾ ئي هن جي علم جي ڌاڪ ڄمي چڪي هئي، پوءِ مولانا شبليءَ جي رسالي ”الندوة“ جي ادارت لاءِ هن کي منتخب ڪيو ويو، جا هن آڪٽوبر 1905ع کان مارچ 1906ع تائين سنڀالي. انهن ئي ڏينهن ۾ شيخ غلام محمد امرتسر مان اخبار ”وڪيل “ ڪڍي، ان کيس گھرائي ورتو. هن ”وڪيل “ اخبار جي ادارت انڪري قبول ڪئي جو هن کي ”الندوة“ ۾ پنهنجي خيالن جي اظهار جي پوري آزادي نه هئي. ڪجھه وقت کان پوءِ هن جو ڀاءُ ابو النصر گذاري ويو ۽ هو وري ڪلڪتي موٽيو. هتي ڪجھه عرصو اخبار ”دارالسلطنت“ جي ادارت به ڪيائين ۽ هن کان پوءِ وري اخبار ”وڪيل“ ۾ هٿ وڌائين، ليڪن جيڪي هن جا ذاتي رايا هيا، انڪري هو پنهنجي اخبار ڪڍڻ تي مجبور ٿي پيو.
1909ع ۾ هن جي پيءَ جو انتقال ٿي ويو. آخر 1912ع ۾ هن پنهنجي ذاتي اخبار ”الهلال“ جاري ڪئي، ان ۾ هن اهڙا قومي ۽ مذهبي مسئلا بحث هيٺ آندا، جن اسلامي ملت جا ذهني نقشا بدلائي ڇڏيا. مولانا پراڻي طرز کان هٽي آزاد صحافت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ حريت ۽ صداقت جو پيغام ڏنائين. حڪومت جي نظرن ۾ هو ڪنڊي وانگر چُڀڻ لڳو، جڏهن ڪانپور ۾ مسجد ڊاٺي وئي، تڏهن ان جي باري ۾ ”الهلال“ ۾ جي مضمون لکيا ويا، انهن حڪومت کي بانورائي وڌو. 16 نومبر 1914ع ۾ ”الهلال“ جي ضمانت ضبط ڪئي وئي. 1915ع ۾ مولانا کي بنگال مان شهر نيڪالي ملي. ”الهلال“ کان پوءِ مولانا ”البلاغ“ اخبار ڪڍي. ان ۾ عملي نفسيات جو سبق ڏنو. فڪر، بصيرت ۽ روحاني عزم جو پيغام ڏنو. ”البلاغ “ جو سلسلو بند ٿيو ته 1921ع ۾ مولانا ڪلڪتي مان هڪ ٻي اخبار ”پيغام“ نالي سان ڪڍي. 1927ع ۾ ”الهلال“ ٻيهر ڪڍيائين. بنگال مان جلاوطنيءَ کانپوءِ مولانا کي وانچيءَ ۾ نظر بند ڪيو ويو. سندس نظر بندي 1920ع ۾ ختم ڪئي وئي ۽ گانڌيءَ جي اهنسا ۽ عدم اعتماد (Non – Coperation) جي تحريڪ جو آغاز ٿي چڪو هو.
18 جنوري 1920ع ۾ هن جي ملاقات گانڌيءَ سان ٿي. اتي مهاتما سان سندس عقيدت ۽ خلوص جو ناتو ٿي ويو. 1920ع ۽ 1921ع جي وچ ۾ مولانا سوين تقريرون ڪيون. آڪٽوبر 1921ع ۾ صوبائي خلافت ڪانفرنس آگري ۾ هندستان جي مسلمانن مهاتما گانڌيءَ جي تحريڪ موالات جي دعوت ڏني. انهيءَ سال علي برادران تي مقدمو هلايو ويو. انڪري سڀني ليڊرن بيان جاري ڪرڻ شروع ڪيا. بمبئيءَ جي ٺهراءَ ۾ مولانا جي صحي، گانڌيءَ جي صحي کانپوءِ هئي. جڏهن حڪومت ليڊرن کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪيو ته مولانا کي گرفتار ڪري هڪ سال ٽيپ ڏني وئي. 1923ع ۾ جڏهن هو ٻيهر جيل ۾ واپس آيو ته هن ڏٺو ته ڪانگريس ۾ ڦوٽ پئجي چڪي آهي. موتي لال نهرو ۽ گانڌيءَ ۾ اصولي اختلاف پيدا ٿي ويا. انهن اختلافن کي دور ڪرڻ لاءِ مولانا 1923ع ۾ پهريون ڀيرو ڪانگريس جي جلسي ۾ صدارت ڪئي. انهيءَ زماني ۾ ڪانگريس جي ساک گھٽجي وئي هئي. نيٺ 1924ع ۾ جڏهن گانڌي جيل مان ٻاهر نڪتو ته هن 111 ڏينهن مرڻ ورت رکيو. ان جو ايترو اثر ٿيو، جو دهلي ۾ ڪانفرنس ڪئي وئي ۽ ان ۾ مولانا سمجھوتي جي فضا پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
سائمن ڪميشن خلاف آزاد پارٽيز ڪانفرنس ۾ مولانا بي خوفي ءَ سان تقريرون ڪيون. 1930ع ۾ ستيه گرهه جي تحريڪن ۾ گانڌيءَ جي گرفتاريءَ بعد مولانا پنهنجي قيادت جي ثابتي ڏني. بنگال، پنجاب ۽ صوبي سرحد جا لکين مسلمان ستيه گرهه ۾ شامل ٿيا. گانڌيءَ کانپوءِ مولانا کي به گرفتار ڪيو ويو. 1940ع ۾ مولانا هڪ ڀيرو ٻيهر ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. هن ستيه گرهه جي مهم ۾ زور شور سان حصو ورتو، جنهن جي ڪري هن کي 18 مهينا قيد ڪاٽڻو پيو. حملي جي زور ٿيڻ سبب حڪومت هندستان جي سياسي ليڊرن کي رها ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي. جيئن هو سندن همدرديون حاصل ڪري سگھي، انڪري مولانا کي به آزاد ڪيو ويو.
1944ع ۾ ڪرپس مشن هندستان آئي. آزادي ۽ ورهاڱي جي تجويز پيش ڪيائين، پر مولانا ڪانگريس جي صدر جي حيثيت سان نامنظور ڪئي. مولانا جولاءِ 1942ع ۾ ڪانگريس جي اجلاس ۾ انگريزن خلاف ”هندستان ڇڏي وڃو“ جو نعرو بلند ڪيو. ان کان پوءِ هن کي 9 آگسٽ 1942ع تي گرفتار ڪيو ويو. اها گرفتاري 1945ع تائين جاري رکي وئي. ان کان پوءِ جلسن ۾ مولانا ورهاڱي جي بيحد مخالفت ڪئي. 1946ع ۾ هن ڪيبينٽ مشن جي مذاڪرن ۾ حصو ورتو ۽ 1947ع ۾ دستور ساز اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. عبوري حڪومت ۾ تعليم ۽ فنونِ لطيفه جو وزير هيو. 15 آگسٽ 1947ع تي هندستان آزاد ٿي ويو. پاڻ فرقا پسندي ءَ جا هولناڪ شعلا، قتل ۽ خون جا منظر ڏسندو رهيو. احتجاج طور هن پهرين سيپٽمبر تي ڪلڪتي ۾ ۽ جنوري 1947ع ۾ هندو مسلم اتحاد لاءِ مرڻ ورت (موت تائين روزو) رکيو. ان وقت هو هندستان جو وزيرِ تعليم هيو. 1951ع ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جو پارليامينٽ ۾ ڊپٽي ليڊر چونڊيو ويو ۽ 1952ع ۾ جيڪي پهريون چونڊيون ٿيون، تن ۾ به پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. تعليم، قدرتي ذريعن ۽ سائنسي تحقيق جو وزير به مقرر ٿيو. 1955ع ۾ هو ٻيهر پارليامينٽ ۾ ڪانگريس جو ڊپٽي ليڊر چونڊيو ويو. انهيءَ دوران هن يورپ ۽ مغربي ايشيا ۾ ٻه مهينا خير سگاليءَ جو دورو ڪيو. 1957ع ۾ ٻه ڀيرا گڙگائونءَ جي تڪ مان لوڪ سڀا جو ميمبر چونڊيو ويو. تعليم ۽ سائنسي تحقيق جي وزارت جي عهدي تي برقرار رهيو. 22 فيبروري 1957ع تي هو انتقال ڪري ويو ۽ هن کي جامع مسجد دهليءَ جي سامهون ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.
خواجا حسن نظاميءَ چيو هو ته:
”مولانا ابوالڪلام کي هندستان جو بادشاهه بڻايو وڃي ها ته هو اڪبر اعظم وانگر هر قوم ۾ مقبول هجي ها.“
مولانا جون مشهور تصنيفون ٽي آهن. هڪ ”ترجمان القرآن“، جنهن جو تفسير پهريون ڀيرو 1920ع کان اول لکيو ويو ۽ ٻيو ڀيرو جولاءِ 1930ع ۾ لکيو ويو ۽ ان جو پهريون جلد 1931ع ۾ ڇپيو. ان جو ٻيو جلد 1936ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون جلد به ڇپجي چڪو آهي. هن جو ٻيو اهم ڪتاب ”البيان“ آهي، جنهن ۾ قرآن جي اهم مقامن ۽ واقعن جو تفصيل سان تفسير ڏنو ويو آهي. ٽيون ”ڪتاب البصائر“، جو به قرآن جو مقدمو آهي. هن جون ادبي تصنيفون هيٺيون آهن:
1. تذڪره
2. غبارِ خاطر
3. خطابات
4. جامع الشواهد
5. جزيرة العرب
6. مقاطيب (خط)
7. قولِ فيصل
8. مسئله خلافت
9. اسلامي جمهوريت جي تقاضا
10. اسلام ۽ آزادي
11. حضرت يوسف
12. India Wins Freedom (هند جي آزادي)
13. ڪاروانِ خيال
14. مقالاتِ آزاد
15. اصحابِ ڪهف