تيمور لنگ
(8 اپريل 1336ع کان 18 فيبروري 1405ع تائين)
هُو امير تارا غاميءَ جو پُٽ هو ۽ سڪينه خاتونءَ مان ڄائو هو. هن جي خاندان جي دعوى هئي ته اُهو چنگيز خان جي اولاد مان آهي. هو خواجا ايلغار نالي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو جو هاڻي مولود خاني جي نالي سان مشهور آهي. تميور کي لنگ ان ڪري چوندا هئا جو هو ڄنگهه تي هڪ ڦٽ جي ڪري مَنڊو ٿي پيو هو.
هُو مشرق جو هڪ وڏو حاڪم ۽ فاتح سمجهيو ويندو آهي، جنهن جون دور دراز مُهمون هن کي جنوب روس کان هندستان ۽ وچ ايشيا کان تُرڪي تائين وٺي ويون. ”تيمور“ ترڪي ۽ منگول زبان ۾ ”لوهه“ کي چوندا آهن. حُسنِ اتفاق سان اسٽالن جي نالي جي روسيءَ ۾ معني به ساڳي آهي. يورپ ۾ هن کي تئمرلين (Tamerlane) چوندا ها. هو بَرُلاس جي امير طبقي مان هو، جيڪي چنگيز خان ۽ ان جي پٽن کان پوءِ تُرڪي ٻولي ڳالهائيندا ها ۽ مذهبِ اسلام اختيار ڪيو هيائون.
تيمور پاڻ تُرڪي ۽ تاجڪ ٻوليون ڳالهائيندو هو (تاجڪ فارسيءَ جي ديسي ڀاشا آهي ۽ انهيءَ فارسيءَ سان ملي جُلي ٿي جا اسان هندستان پاڪستان ۾ ڳالهائي سگھندا آهيون. مان اها تاجڪستان ۾ چڱي طرح سمجهي سگھندو هوس. ) هو اڻ پڙهيل هو. پر هُن منشي محرر رکيا ها جي کيس پڙهي ٻڌائيندا ها، خاص ڪري تاريخ ۽ هُن جون مهمون ”ظفر نامي“ جي عنوان سان لکيون هيائون. جي ٻن نسخن ۾ هيون. تيمور لنگ جواني ۾ ئي نهايت ذهين ۽ شجاع هو. هن جي جواني جي باري ۾ ٽن هنڌان معلومات ملي ٿي. هڪ ته هينري ٽين جي هسپانوي وزير وٽان، جنهن سمرقند ۾ عظيم مهم جُوءَ سان ملاقات ڪئي هئي. ٻيو دمشق جي ”عرب شاهه“ نالي هڪ عرب جون تحريرون (جن مان هن جي دشمنيءَ جي بوءِ اچي ٿي.) ۽ ٽيون روسي رسالي ”نِڪون“ ۾ لکيل اتهاس مان. حيرت جي ڳالهه آهي ته روسين کي تيمورلنگ جي باري ۾ جيتري خبر هُئي اوتري تيمورلنگ کي روس جي باري ۾ نه هئي. تيمور هڪ رهزن جنگجو جي حيثيت ۾ زندگيءَ جي ابتدا ڪئي ۽ هن کي ٿورا ساٿي هيا. هڪ ڀيري هن کي رڍن جي چوري ڪندي مقابلي ۾ ڪلهي ۽ ڄنگهه تي زخم رسيا ان سبب هو ساري عُمر پنهنجي ڄنگهه يا ٻاهن جھُڪائي نه سگھندو هو. جڏهن 1941ع ۾ سمرقند ۾ هُن جي مرقد کي کوليو ويو، ته هُن تي انهن زخمن جا نشان اڃا به هُيا. (مون سمرقند ۾ هن جي قبر ڏٺي هُئي.)
هن جي دور ۾ سمرقند هڪ مسلسل جنگ جو مرڪز هو. شهر جي چوڌاري چغتائي خاندان جون زمينون هيون، جي وڏا ٽنٽائي ۽ رڳڙائي جھڳڙائي هيا، انهن ۾ چنگيز جو ٻيو پٽ به هو. ڏکڻ اولهه طرف هلاڪوءَ جي پونيئرن جون ٻنيون هيون، جو به چنگيز خان جي خاندان مان هيو. اتُر – اولهه ڏي لشڪر زِرين هيو، جنهن تي ڪنهن وقت چنگيز جو وڏو پٽ ”جوپِي“ راڄ ڪندو هو. اهي منگول روس جا وڏا رئيس هيا. اوڀر طرف سمرقند جون سرحدون چين سان ملنديون هيون ۽ اتي به منگول هيا، جي چغتائي خاندان کان علحده ٿي ويا ها. انهن مان ترڪي ڳالهائيندڙ خانه بدوشن ۽ فارسي ڳالهائيندڙ راهڪن ۽ نخلستانن جي باشندن ۾ جھيڙا جھڳڙا ۽ دنگا فساد وڌي ويا ها. خانه بدوشن کي مراعات (سهوليت ) يافته سمجھيو ويندو هو، جن مستقل رهائش اختيار ڪئي هئي. اهي ئي زياده تر باج گذارهيا.
1361ع ۾ پنجويهن ورهين جي عمر ۾ ڪيئي سئو ماڻهو هُن جي لڙهه لڳا ها. ان وقت تيمور لنگ هڪ حمله آور منگول خان جي نوڪري ڪئي هئي، جيڪو ڪاشغر جو تغلق تيمور هو ۽ جنهن هُن کي سمرقند جي هڪ حصي جو حاڪم بڻايو هو. 1369ع ڌاري، تغلق – تيمور جي موت کانپوءِ ۽ پنهنجي ڀيڻوي امير حسن تيمور سان عناد کانپوءِ، جو هن جي موت تائين هليو، تيمور لنگ بلخ کان سمرقند تائين، ساريءَ ڌرتيءَ جو ڌڻي ٿيو. ان کانپوءِ هن جون سياسي، فوجي ۽ اقتصادي تدبيرون ۽ اُپاوَ هڪ چٽي آدرش وانگر ٿيا. هن سمرقند کي پنهنجو علائقو سمجھي، ان تي پاڻ حڪومت ڪئي ۽ پنهنجيءَ جنگي مهم ۾ ڪيل ساريءَ ڦرلٽ سان سائو ستابو ڪيو ۽ اهڙو اڏي ڇڏيو جو رولو قومن ۽ گھر ڪري ويٺل قومن ۾ ويڇو ۽ تناءُ نه رهيو. هُن انهن جي گڏيل سڏيل آباديءَ کي فوجي تربيت ڏني، ان مان پيادو لشڪر، انجنيئر (گھيراوَ لاءِ) ۽ رسالا ٺاهيا. هن جي جنگي فن جي نئين ريت اها هئي ته هو جنگ ۾ پهريون رسالن کي منهن ۾ ڏئي مقابلي جو ڌوڏو سهسائي ويندو هو ۽ تيستائين پيادل فوج کي ترسائيندو هو، جيستائين دشمن ۾ مونجھارو يا ڦڙڦوٽ نه پئجي وڃي.
هن جي پنهنجي علائقي جي چوڌاري، زيردست ملڪ هئا. انهن مان ڪجھه ملڪن ۾ هن مقامي حاڪمن کي شڪست ڏني هئي ۽ پوءِ کين کي تابعدار جاگيردارن ۽ ٻيلين وانگر ٻيهر تخت نشين ڪيو هو. انهن لاڳيتن علائقن کان گھڻو پري هن جي جنگي مهم جا ٻه مقصد هئا، هڪ ته لٽ ڦر ڪرڻ ۽ ٻيو ته ڪنهن به مخالف طاقت ۽ ريسائتيءَ پُڄنديءَ واري کي اُڀرڻ کان روڪڻ، پر هن کي اتي کوپو کوڙي ويهڻ جو ارادو ڪونه هو.
74-1373 ۽ 1388ع ۾ هن کي جنگي مهم آمو درياهه مان هيٺ ڪئسپين سمنڊ ڏانهن وٺي وئي، 1376ع ۾ هن طوقطمش جي سفيد جرگي جي مدد ڪئي، جو زرين جي جرگي جو حريف ٿي پيو هيو. 1380ع ۾ طوقطمش زرين جرگي کي تابع ڪيو، جڏهن جرگي روسي شهزادي دِمنزي هٿان شڪست کاڌي، ان ڳالهه طوقطمش کي ايترو زورائتو ۽ ٽساڻو ڪيو، جو تيمور 1389 ۽ 1391ع ۾ هُن تي ڪاهڻ لاءِ مجبور ٿي پيو ۽ 95-1394ع ۾ هن کي مات ڏنائين. تيمور زرين جرگي (Golden Horde) کي ايترو ته آگھاٽي، نستو ڪري ڇڏيو جو، ڄاڻي واڻي ته نه پر اڻڄاتو روس جي مرڪزيت ۽ اتحاد ۾ ڄڻ واهَر ڪيائين. تيمور کي پنهنجيءَ فوج کي ڏورانهن ڏيهن ڏانهن طول طويل ڪوچ ڪرائيندي ڊپ ڊاءُ نه ٿيندو هو.
جڏهن به هو سفر ۾ هوندو هو، پنهنجي فوج جي پرگھور لهندو هو ۽ نه رڳو اڳواٽ محافظ موڪليندو هو ۽ ان کي ٻانهن، بغل ۽ ڪمر وٽ محافظ مهيا ڪندو هو، پر چارين ۽ جاسوسن جا لڏا به انهن جي مخبريءَ لاءِ موڪليندو هو. هُن اهو اصول ٺاهيو هو ته مختلف مُهمون مختلف وقتن تي، مختلف طرفن ۾ ڪري، جيئن ريسائتا سرواڻ نه اڀري سگھن. 1381ع ۾ هن ايران تي حملو ڪيو، 1386ع، 1392ع ۽ 1399ع ۾ هن اتي ”ٽه – سالي“ .پنج – سالي “ ۽ ”ست سالي“ مهم شروع ڪئي، جا هن کي 1392 ع ۾ آرمينيا ۽ جارجيا، 1399 – 1398ع ۾ هندستان ۽ 1402 – 1400ع ۾ شام ۽ تُرڪي وٺي وئي، پوئين مهم ۾ هن ائليپو ۽ دمشق تي قبضو ڪيو ۽ تُرڪيءَ جي سلطان بايزيد پهرين کي انقره وٽ شڪست ڏئي قيد ڪيو ۽ قسطنطنيه تي عثمانيه جي فتح کي پنجاهه سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو. انهن دور دراز مُهمن ۾ جن جو مقصد رڳو ڦرلٽ ڪرڻ ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ هو، هن اهي ظلم ڪيا جي ناقابلِ فراموش آهن. دهليءَ ۾ هن هڪ لک ماڻهو مارائي، انهن جي سِرن جو مينار ٺهرايو، اصفهان ۽ ايران ۾ هن ستر هزار کوپرين جو ڍڳ لڳرايو هو.
ايتري ڏاڍ ۽ انڌير کان پوءِ به تيمور لنگ ڪيئي محل ۽ مسجدون ٺهرايون، جن مان سڀني کان وڌيڪ دلڪش مسجد سمرقند ۾ آهي. مذهب کي هو پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪندو هو ۽ گھرج پوندي هُيس ته شيعن ۽ سنين کي هڪ ٻئي سان ويڙهائيندو هو ۽ حسبِ ضرورت ڪڏهن شيعن جو پاسو وٺندو هو ته ڪڏهن سنين جو . چيو ويو آهي ته هو چين خلاف مهم لاءِ وڃي رهيو هو ته مري ويو. پر اهڙي ثابتي نه آهي ته هو ان مهم ۾ سنڪيانگ ۽ بيروني منگوليا کان پري وڃي ها. جيئن هو 19 جنوري 1405ع تي مري ويو، هن جي سلطنت جھرڻ لڳي پر هڪ صديءَ کانپوءِ هن جي پونيئر بابر هندستان ۾ مغل حڪومت جو پايو وڌو.
تيمور جي شهرت جو اثر ڪرسٽا فرمارلو جي ڊرامي ”تيمِرلين“ تي ڪافي نمايان آهي. مون ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڙهيو آهي. جڏهن مان 1976ع ۾ هن جي قبر تي بيٺو هوس ته گائيڊ جي تقرير ٻڌي هڪ ڏهن ٻارهن سالن جي آمريڪي ٻار تي ايترو اثر ٿيو هو جو هو چاڪ سان زمين تي لکي رهيو هو:
”هتي ستر هزار پٿر رکيا وڃن ته هڪ هڪ سياح هُن جي قبر تي پٿر هڻندو وڃي، انهن ايران ۽ اصفهان جي کوپرين جي ياد ۾ جي تيمرلين ڍڳ ڪري رکيون هيون ۽ پاسي سان هڪ لک پٿر رکيا . . . . . . . “