اداري پاران
سنڌي شاعريءَ جا انيڪ غنچا پنهنجي پنهنجي خوشبوءَ سان حساس دلين کي معطر ڪري نه فقط زندگي جي ظاهري غير معنويت کي آسان باطني معنيٰ ۽ مفهوم سان روشناس ڪرائن ٿا پر داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي اپٽار جي چٽسالي جا انوکا نمونا پاڻ وڻائڻ لاءِ متوجهه به ڪن ٿا. “پارسائي جون حدون” ڪنهن سرحدي متڀيد، طبقاتي وڇوٽين ۽ منافقتي بوءِ کان آجو هڪ اهڙو شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ امداد سولنگي جون انفراديءَ سوچون سخت گير ماحول ۾ رهندي به نهايت حساسيت ۽ محبتي مانڊاڻ سان واسيل آهن. امداد جي ڪوتائن ۾ اهڙي مقناطيسي ڪشش ضرور آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ طرف ڇڪي وٺي ٿي ۽ اها خوبي ڪنهن قلمڪار کي ٻين کان ممتاز ۽ منفرد پيش ڪرڻ جي قوت رکي ٿي.
امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون، امداد جيڪو طبيعتن سچو ۽ سادو ماڻهو آهي، اهڙو ئي هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سچائي ۽ ارڏائي سان داخلي ڪيفيتن کي اجاگر ڪرڻ جو فن به ڄاڻي ٿو، اميد ته سندس قلمي پورهيو ساڀيان جو روپ ماڻيندو ۽ سمبارا پبليڪيشن پاران محبتي نيڻن جي هن محبتي سوکڙي “پارسائي جون حدون” کي مان ڏيندي اشاعتي ڪڙي کي ضرور آجيان جي اک سان ڏٺو ويندو.
ساجد سنڌي
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
03003513966