ڪِين ٿي منزل ملي بي راهه کي،
سُور ۽ سختين گھُٽيو آ ساهه کي.
لوڪ جي بدذوق نظرن کان هِتي،
دل بَچائيندي وَتي پئي چاهه کي.
دشمنيون پالي ڪيون سين دنگ يَار،
آءُ هاڻي ٻَک وجھون ڪنهن ٺاهه کي.
باغ سڀ ڀوتار جا ۽ ڳوٺ ڀي،
پوءِ ته آخر ريج ملندو واهه کي.
زندگي گلزار ٿيئڻي هُئي سا ٿي،
کوڙ هو سانڊن دُکايو باهه کي.
آڻ منهنجي ٿر مٿان ڪي وڏ ڦُڙا،
ٻُڌ کڻي آڪاش منهنجي آهه کي.
ڇانو جا ويري اڃان ناهِن مُئا،
وڻ وڍي وڪڻي ڇڏن ٿا لاهه کي.