ڪا دوا ڪانه ٿي درد وڌندا ويا،
ڪنهن نه پنهنجو چَيو ڪنهن نه ڳوڙها اُگهيا.
بي وجه بي رُخيون لوڪ مون سان رکيون،
پوءِ به ويچار ڪنهن لاءِ ميرا نه ٿيا.
هُن کي رکڻو پيو عاشقي جو ڀرم،
درد ميڙي سمورا ئي دل ۾ ،رکيا.
انتظاري جي رِڻ ۾ رُلن ٿيون اکيون،
پنڌ تنهنجا پنهل مون پئي ڪيچون پُڇيا.
اڌ وهيءَ ۾ غريبي جون لوليون ڏئي،
رات جيجل سمهاريا هَا ٻچڙا ،بکيا.
داد جو شبدّ، آ ڪين هُن کان مِليو،
گيت وايون غزل مون ها جنهن لئه ،لکيا.
يادگيرن جا ڳوڙها اڃا ڳاڙيان،
تو پُڄاڻان اڃا پيار ناهِن گهٽيا.