اکين ۾ اُداسي جو عالم ڏِسي،
لڳو غم مونکي آ تنهنجو غم ڏسي.
وَري درد ۾ پاڻ کي ٿو رکان،
مِٺي! تُنهنجي هٿڙن ۾ مرهَم ڏسي.
جواني جي جھولي ۾ هيڏا گناهه،
پيو هان مان روئي سندو ڪم ڏسي.
هِتي روز رستن تي لاشا سوين،
اَلا! اُڀ ٿو ڦاٽي هي ماتم ڏسي.
فلڪ جا نظارا به ڌرتي چُمن،
گلن جي حُسن تي هي شبنم ڏسي.
رکون دل جي دنيا ٿا آباد منَ،
سوين يادگيرين جا البم ڏسي.
بهارن ۾ امداد مُرڪي به ڪيئن،
دلين جي ته مايوس موسَم ڏسي.