عرض آ، انسان بخشيو،
چاهتن کي مان بخشيو.
ساحلن جي سِڪ اسان کي،
ڪيترو طوفان بخشيو.
دل لڳائڻ جي خطا ٿي،
سونهن جا سُلطان بَخشيو.
دربَدر آ درد پنهنجو،
ڪا دوا ڏئي دان بخشيو.
پنڌ صحرا دور منزل،
حوصلن ۾ جان بخشيو.
تو ته هيڏا لڙڪ ڏيئي،
مُرڪ جو فُقدان بخشيو.
آخري امداد ڪامل،
يا خدا ايمان بخشيو.