شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

پياري بابا سائين جي نانءٌ......

پياري بابا سائين جي نانءٌ......

قرب هِن ڪوهيار جو ٿورائتو،
مان اَبل جي پيار جو ٿورائتو،

هٿ وٺي هر موڙ تائين آ هليو،
مان چوان ٿو توڙ تائين آ هليو،
ناز نخرن ساڻ پاليو پاڻ جنهن،
همسفر ٿي حال ٺاهيو پاڻ جنهن،
هر تمنا کي اکيون بابا ڏنيون،
چاهه مان هر هر، چُميون بابا ڏنيون،
مان ادب ۽ پيار هِن پاٻوهه مان،
سڪ سموري سار جو ٿورائتو،
مان اَبل جي پيار جو ٿورائتو.

هو ته گھاٽي وڻ جيان آهي رهيو،
زندگي کي زندگي آ هُن ڪيو،
ڀال ٿو ڀانيان اَبل جو پيار آ،
اڄ سلامت زندگي جو هَار آ،
آ دعا آقا اِها شفقت رکي،
بس ابل جو مون مٿان هي هٿ رکي،
زندگي جي سوجھرن جي تاڻ ۾،
هُن نظر نهار جو ٿورائتو،
مان اَبل جي پيار جو ٿورائتو.