شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ڪونج کي ڪارو ڪري الزام ڏئي،

ڪونج کي ڪارو ڪري الزام ڏئي،
مڙس ماڻهو موج ۾ آهي اڃا.

هوءَ اڪيلي ڇوڪري هِن ڏيهه ۾،
زندگي جي کوج ۾ آهي اڃا.

رات لاهي پير چانڊوڪيءَ ڊني،
سونهن سِنڌو اوج ۾ آهي اڃا.

ڪيئن وٺان ڪپڙا لٽا مان عيد تي،
شوق پنهنجو لوچ ۾ آهي اڃا.

بندگي جو ڌيان طلبيان ٿو يڪو،
اک ٻُڏل ڪنهن پوج ۾ آهي اڃا،

سنڌ جيجل سڏ ڪري پئي ڪيترا؟
هي جواني سوچ ۾ آهي اڃا.