رڳو جي لڙڪ ويهي لاڙجن هَا،
ته هيڏا حوصلا ڪيئن ڌارجن ها.
وَري مدهوش ٿي هِن عاشقيءَ ۾،
وري باهيون بِرهه جون ٻارجن هَا.
حياتيءَ کي سڄڻ سُندر ڪرڻ لاءِ،
گھڙيون توساڻ ويهي گھارجن ها.
توسان باغي نه ٿئي ها تَر وڏيرو،
توکان جي پاڻ واعدا پاڙجن ها.
ڳوٺاڻي شام جون لاليون وساري،
شهر جون رونقون ڪيئن سارجن هَا.
عجب هِن ديس ۾ نفرت وَسي پئي،
هِتي چاهت سَندا بند چاڙهجن ها.
اکين بي تاب سئو سپنا سَهيڙيا،
اهي امداد ڪيئن سي هَارجن هَا.