رستا سڀ ويران لڳن ٿا،
دل ۾ سوَ طوفان لڳن ٿا.
ڏوهه جواني تنهنجو ناهي،
دل جا سڀ نقصان لڳن ٿا.
ناسي تنهنجا نيڻ او ناري،
اُلڪا ڪي ارمان لڳن ٿا.
گھر جا شيشا ٽوڙيندڙ هي،
پٿر سڀ مهمان لڳن ٿا.
راتيون پنهنجون اوجاڳن ۾،
اڄ ڪيڏا بهتان لڳن ٿا.
شاعر پنهنجا خيال ٿو ٻاري،
ورقن تي وجدان لڳن ٿا.
اُجڙيل گلشن منجھ هزارين،
پوپٽ ڄڻ بي جان لڳن ٿا.