ڏاڍ ڪڙڪيو آ ٿرٿلو آهي،
باز جھرڪي پٺيان ،لڳو آهي.
تنهنجي يادن جو ميڙ آ، هُن سان،
ڪيئن سمجھئي ته ،هيکلو آهي؟
گل ته نازڪ نفيس ٿيندو آ،
تو ته پاڙون کڻي ،پٽيو آهي.
ياد ناهي ته هِن مسيحائي،
سور ڪنهن ڪنهن جو هِت ،سَٺو آهي.
زرد شامن مان خيال ميڙيندي،
درد جو ڪو غزل ،لکيو آهي.
لڙڪ لاڙي ٿي ڳل مٿان ڇوري،
رنگ هولي جو غم رتو آهي.
دوست دنيا جو خوف ٻوڙي ٿو،
عشق ڪيڏو اڃان ،ڪچو آهي.