شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

اسان جو من اڪيلو آ.....

اسان جو من اڪيلو آ.....

ڏٺو تو ڀي پرين ڪونهي،
اکين مان درد ڇاڻيون ٿا،
ملڻ جي روپ ۾ جيڪا،
رکي آ مرڪ مصنوعي،
چپن جي اُوٽ ۾ اُڻتڻ،
صدا خاموش پئي ڀٽڪي،
وفا جي چيچ پڪڙي آ،
مگر ڪو حوصلو ڪونهي.
ڀَرم ڪيئي ڀُريا آهن،
هِتي ڪو ڀَر جھلو ڪونهي.
ڏهاڙي زرد لمحن جو،
پهر ڪَٽڻو پيو آهي.
ڪِٿي ڪنهن دهوپ جي آڏو،
ته آنچل ڪونه اُوڍيو آ،
پري ٿيو دلبرين کان هي،
اسان جوروح ساڳيو آ.
فقيري ضبط آ پنهنجو،
مگر ٽوڙڻ نٿا چاهيون.
ڏِسون ٿا درد کي سامهون،
وري خواهش ستائي ٿي.
کلڻ جي آرزو هر هر،
روئڻ تائين رسائي ٿي.
ذهن جي کوج ۾ هاڻي،
نراسايون نٿيون گهٽجن.
زمانو روز محفل ۾،
ڀري ٿو جُھول مُرڪن جا،
نٿو آڇي ڪوئي محفل.
اسان ويران ڀٽڪون ٿا.
اميدن جا کڻي لاشا،
هتي هر روز سڏڪون ٿا.
اڪيلو چنڊ ڀي ناهي،
اڪيلي رات ڀي ناهي.
اڪيلو آ ته هِن جڳ ۾،
اسان جو من اڪيلو آ.