مٽي ماڳ مانجھي لَڏن ٿا پيا،
ڏهاڙي جنازا کڄن ٿا پيا.
هي فيشن جا اڻکٽ زمانا هِتي،
سندي سادگي کي سڏِن ٿا پيا.
ائين غير کي تنهنجي ڀر ۾ ڏسي،
عجب دل ۾ کُٽڪا لڳن ٿا پيا.
بُکي پيٽ جي بدحواسي منجھان،
سوين درد دکڙا بکِن ٿا پيا.
رُڳو پنهنجي ڪوڙي تمنا پٺيان،
ننگو ناچ ماڻهو نچِن ٿا پيا.
سڄڻ ترسجو نينهن ماريا وري،
ٽٽل آس ميڙي اچن ٿا پيا.
لتاڙي هي دهشت هي دهمان ڪي،
اڃان پير اڳتي وڌن ٿا پيا.
امن جا هزارين ڪوي ڪاروان،
غزل گيت وايون لکن ٿا پيا.