شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

عيش عِشرت جا ماڻهن به اوٿر رکيا،

عيش عِشرت جا ماڻهن به اوٿر رکيا،
مون جواني جي سيني تي پٿر رکيا.

لوڪ فيشن جي نازيب ماحول ۾،
سادگين جا ته مون پوءِ به ساگر رکيا.

پنهنجي نيڻن جي دنيا ۾ او سانوري!
تنهنجي محبوب چاهت جا منظر رکيا.

هو ته پنهنجي شهر ۾ رهيو اجنبي،
هُن ڇو جيون ۾ موهن جا کنڊر رکيا؟

يار! هڪڙو ئي ڀيرو تون پڙهجان اچي،
اهڙا احساس آهن مون سُندر رکيا.