دل سان ڏنو تو دلربا درجو عجيب هُو،
محبوب پنهنجي چاهه جو چرچو عجيب هُو.
دنيا جي امتحان ۾ حل ڪونه ٿي سگھيو،
جيون سندو هي پاڻ پرچو عجيب هُو.
پوڙهي وجود سان وري ڇا ٿو ڪمائجي؟
گھر جو به اڄ جي دور ۾ خرچو عجيب هُو.
ڪيسين بچائي پاڻ کي رکجي ها تون ٻُڌا؟
تنهنجي نظر جو تير هي تِرڇو عجيب هُو.
پايل ٽُٽي ته پيٽ جو رستو ٽٽي پيو،
دل ۾ کنيو هي ناچڻي هُرچو عجيب هو.
تختو ئي ناوَ جو کڻي ساحل کي ماڻبو،
من ۾ اندر ڪو ناخدا مُرچو عجيب هُو.