شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

لُڙڪ لَٽي ويا ماڻا سارا،

لُڙڪ لَٽي ويا ماڻا سارا،
پيار سکيءَ جا ساڻا سارا.

اڄ ڀي خالي ڄار هٿن ۾،
موٽيا ماڳ مهاڻا سارا.

مون سان گڏجي ورد پيا ڪن،
تسّبيح جا مَن داڻا سارا.

سوچ اُڏامي ڪونه ٿي شاعر!
تنهنجا خيال پُراڻا سارا.

تنهنجي ٻانهن سيراندي سائنڻ!
مون لئه هنڌ وِڇاڻا سارا.

آخر تو وٽ پهتو آهيان،
رُولي نينهن نماڻا سارا.

سار سڏي ٿي مومل جي ڪا،
خواب چُمي وڃ راڻا سارا.

مان امداد اڪيلو ۽ هي،
گھاءُ دنيا جا گھاڻا سارا.