شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

تون چوين ها مُرڪ کي پاسي رکي،

تون چوين ها مُرڪ کي پاسي رکي،
لڙڪ سان ياري نڀايون ها پرين!

عيد کي عاشور سمجھي پاڻ لاءِ،
درد جا نوحا به ڳايون ها پرين!

چنڊ جو پاڇو به ٿئي ها دل لڳي،
سانجھ ۾ ڪا سار لاهيون ها پرين!

دل نه ڍاپي ذرڙي تنهنجي چاهه مان،
جي عمر ساري به چاهيون ها پرين!

داد ٿيئڻو ڪونه هو هِن ديس ۾،
ڪيترو ڏَس پاڻ دانهيون ها پرين!

تون رُڳو مجنون چوين ها چاهه مان،
پير ۾ پوءِ ڇير پايون ها پرين!