تو زمانا درد کي جھاڳيو نه هو،
عشق تنهنجي روح ۾ ،ساڳيو نه هو.
چاندني جا ذوق جنهن لئه ٿي مِڙيا،
رات سوئي ننڊ مان ،جاڳيو نه هو.
پير تي کارا وجھي ها خيال سان،
ڳوٺ ڀي سارو سڄڻ ، ڀاڳيو نه هو.
من دُکيو هو آس جي آڙاهه ۾،
نا اميدي سان مگر ،واڳيو نه هو.
هُن رِلي ۾ رنگ ڪيئي پئي ڀريا،
منهنجي پر ڪنهن خواب کي ،تاڳيو نه هو.
ڪيئن رکان ها لوڪ سامهون شاعريءَ،
شعر ۾ ڪنهن طرز جو ، قافيو نه هو.
هاڻ آ رولاڪ ٿيو امداد هي،
اڳ ته مجنون ايترو ،ڦاڳيو نه هو.