سنڌي شاعري جي افق تي اُڀرندڙ ستارو
تاثر
دنيا جي آغاز کان اڄ تائين انساني اظهار جي سڀني صورتن مان شاعري کي هڪ منفرد حيثيت حاصل آهي، ڇو جو ان ۾ جملي ڪيفيتون شامل هُجن ٿيون، جن ۾ محبت، احساس، ڏک، انقلاب ۽ معاشري جا ڪيئي روپ شامل آهن، صدين جي سفر ۾ شاعري انسان ذات کي ڪيترن ئي اهڃاڻن کان واقف ڪيو آهي،شاعر ٻوليءَ ۽ قوم کي زنده رکڻ وارو نمائندو ليکيو ويندو آهي، سنڌي شاعري جو سفر نه صرف جديد شاعري تي اچي بيٺو پر جديديت پُڄاڻان طرف به گامزن آهي، سنڌي شاعري جي فلڪ جو اڀرندڙ ستارو امداد سولنگي به انهن شاعرن مان هڪ آهي، جن پنهنجو رت ولوڙي ادب جي ڪهڪشان کي روشن ڪيو، امداد سان منهنجو ناتو گهڻو پراڻو ته نه آهي پر ڀائنجي ٿو ته تمام گهڻي مدت کان رفاقت آهي پاڻ بلاشبه ثانوي مرحلي ۾ آهي تنهن جي باوجود به سندس ڪلام جو بنياد مضبوط ڀائنجي ٿو،
امداد جي ڪلام ۾ ٻوليءَ جي حُسناڪي فن، فڪر ۽ تجنيس جا پختا جز پڌرا آهن، پاڻ مشهور صنفن جھڙوڪ نظم، غزل ۽ وائي تي بنهه خوبصورت طبع آزمائي ڪئي اٿس،ڌڻي در دعا آهي ايندڙ وقت ۾ سندس نالو وڏن شاعرن ۾ لکيو وڃي، ظلمات جي موجوده دؤر ۾ ايتري محنت يڪ جاءِ ڪري هي ڪتاب پڙهندڙ جي هٿن تائين پهچايو اٿس، ان لاءِ کيس جس هُجي،
لکڻ لاءِ ته گهڻو ڪجھ آهي پر قارئين جو قيمتي وقت بچائڻ لاءِ امداد سولنگي جي هن خوبصورت شعر سان پڄاڻي ڪندس،
سوچ کي امداد ماري،
ڪيئن لکڻ کان ڌار رهندو.
زيب سومرو
ڀٽ شاهه