پوئين رات پَهر ڪنهن پاري،
چور ڀَڄي ويا ڀاڳيو ماري.
ڳوٺاڻو چالاڪ شهر ۾،
ڪهڙا طور طريقا ڌاري.
پوپٽ ناهِن ڄڻ هي قدرت،
باغن ۾ پئي رنگ اُڏاري.
هاڻي گھر جي اونداهين ۾،
تون ڀي ديپ رکي ڇڏ ٻاري.
وقت نِپوڙي روز نِهوڙي،
جيون نيٺ وڃي ٿو ڳاري.
پيار جي پهرين بارش ڪر اڄ،
يار وٺان مان دلڙي ٺاري.
ويراني جي واٽ ڇو ورتئي،
رات پُڇيو پئي، هڪ هڪ تاري.
خواب اکين جا اُلڪا آهن،
روز جيئون ٿا سپنا سَاري.