جيءُ سان جھيڙي ٿڪجي پيو هان،
سڏڪا ميڙي ٿڪجي پيو هان.
چوڏهين جو هو چنڊ چوي ٿو،
بادل ٿيڙي ٿڪجي پيو هان.
ڏک ۾ ڪهڙي خوشحالي آ،
غم ڇو کِيڙي ٿڪجي پيو هان.
جيون سان ڪو ٺاهه نٿو ٿئي،
ڀاڪر ڀيڙي ٿڪجي پيو هان.
غربت آخر ڪيئن مِٽايان،
گاڏو ريڙهي ٿڪجي پيو هان.
مان امداد قفس ۾ تنهنجي،
کنڀ کِنڊيڙي ٿڪجي پيو هان.