ڪنگڻ جي رقص جهڙو ٿي!
جڏهن بدمست ڇُورين جا،
ڪنوارا نيڻ ڇيڙن ٿا،
اندر ۾ ميل اڻپورا،
ملڻ لاءِ آس ميڙن ٿا،
جڏهن نازڪ هٿن ۾ گل،
مروڙي مُرڪ جوڙن ٿيون،
لڳي ٿو شام ۾ ڄڻ ڪي،
ڀنڀوريون ناچ کوڙن ٿيون،
جڏهن ٽولا کڻي سرتيون،
اکين جا عشق جھيڙن ٿيون،
چوان ٿو روح کي رهڙي،
وڃي هُن ميل ۾ پهچان،
حُسن جي هر ادا کي مان،
اکين ۾ ننڊ جان سيڪيان،
ڀوئنر بڻجي گلن پويان،
چپن جا چاس ميڙيندي،
نه پُر ٿئي دل هي ديواني،
صدين جي پياس ميڙيندي،
چوان ٿو ٽهڪ چورائي،
جيئڻ جي ڀاڳ تي پهچان،
چوان ٿو اپسرائن جي،
وڃي هُن پيچ ۾ پيهان،
چوان ٿو ٻانهن ۾ پاتل،
ڪنگڻ جي رقص جھڙو ٿي،
هُنن سان شام گھاريان ڪا،
حياتي ،مان به گھاريان ڪا،