هِن ڦُوهه جواني جو ارمان پيو ،ڳاري،
هڪ درد جي گهيري ۾ شب، روز پيو گهاري.
محبوب جي يادن ۾ هر ويل لُڇان ٿو مان،
افسوس مگر ساجن هڪ پل به نٿو ساري.
اڄ ڪوته هِتي روڪي هي شوق شڪارين جا،
نه ته ڍنڍ ۽ ٻيلي جي هي سونهن ويندا ماري.
تون هِيل نه آيو هين هِن سرد ڊسمبر ۾،
ڪنهن ڳوٺ جي مُومل جا پيغام ڏنا سياري.
معصوم ذهن جنهن جو هر سوچ کان خالي آ،
اسڪول وڃڻ بدران هُو مال پيو چاري.
ڪينواس ٽُٽل دل جو منظر به ڪيئن موهِن،
ڪي رنگ مصوّر جا آ، ڪو ته ويو هاري.
هِن لوڪ محبت جو مفهوم ئي ماريو آ،
امداد دلين ۾ ڪو احساس نٿو ڌاري.