شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

تاثر: ايوب کوسو

تاثر: ايوب کوسو

سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نئين تخليقي شاعرن جي موجودگي صبح جيان اُتساهيندڙ تازگيءَ جي حقيقت آهي. امداد سولنگي جي شاعريءَ نئون ويساهه به آهي ته نئون آواز به آهي. هُن جي شاعريءَ جي وڏي حُسناڪي رُڳو دلفريب پُختگي ناهي، پر فِڪريءَ دلڪشيءَ به جوڀن تي دلنوازيءَ ۾ رڱيل نظر اچي ٿي. هُن جي شاعريءَ ۾ نِج تخليقيت نروار آهي. امداد خاص ڪري غزل انتهائي محبوبائي سان رچيا آهن. اُهي فڪر جي نئين رابيلن سان مهڪيل آهن. اهم حقيقت اِها آهي جو هِن وٽ پنهنجو ڊڪشن آهي. هُن جي شاعريءَ ورجاءُ جي پاڇي کان پاڻ کي خوبصورتيءَ سان بچائڻ ۾ سڦل وئي آهي. امداد باشعور خوبصورت نوجوان شاعر آهي. جيڪو منفرد رستي جو اڳتي وڌي آيل مسافر آهي. هُن جي شاعريءَ ڏاڍو متاثر ڪري ٿي. هُن جو هي پهريون سفر دل سان آجيان جي لائق آهي هُن جي شاعريءَ جو مستقبل شاندار نظر اچي ٿو، ڇو جو هُن جي شاعريءَ نئين شاعريءَ جو لاجواب مثال آهي.
ايوب کوسو
2016 سيپٽمبر 15