پنهنجي شهر تي
اڃان سونهن ساڳي سلامت آ پنهنجي،
اڃان پنهنجا جذبا جوانيون ٿا ماڻن.
اڃان خواب نيڻن مان ليئا ٿا پائن،
اڃان هِن بڊاڻي شهر جي گگن تي،
امن جا هزارين پکي پَر ٿا ساهِن.
هي ماڻهو هي ديشي، مُحبت جا هاري،
هي اُلفت ۽ چاهت وفا جا پُوڄاري،
هي همدرد همراز هڪ ٻئي جا ساٿي،
هي هڪ ئي گھراڻو هڪ ئي گهر جا ڀاتي،
هي ايڪا هي ميلا گھڻن کي ٿا گهائن،
اڃان هِن بڊاڻي شهر جي گگن تي،
امن جا هزارين پکي پَر ٿا ساهِن.
غريبي جا جھُولا هي غربت جون راتيون،
اُجھائي نه سگهنديون ٻَريل دل ۾ جاتيون،
اها راهه روشن رکي آ رندن لاءِ،
اسان ديپ هٿ ۾ کنيا سوجھُرن لاءِ،
نئين ڏينهن ناتا نوان جوڙجن ٿا،
امن جا هزارين جھنڊا کوڙجن ٿا،
هي شاعر هي راڳي وفا کي پيا ڳائن.
اڃان هِن بڊاڻي شهر جي گگن تي،
امن جا هزارين پکي پَر ٿا ساهِن.
لکان ٿو مان امداد سچ کي سنڀاري،
خدا هِن شهر کي اڃان ڀي سنواري،
ٻُڌو هِن شهر جا اُو واسي او رهندڙ،
ائين ئي هميشه امن ۾ رهو پيا،
نه ڪينو نه ڪُلفت نڪو مير مَن ۾،
نه کڻجو خدارا بغز ڪو به دل ۾،
ائين شاد آباد رهندا اچو پيا،
ائين اَمن اُلفت کي زندهه رکو پيا،
وري هن وچن لاءِ سڀئي هٿ وڌائن،
اڃان هِن بڊاڻي شهر جي گگن تي،
امن جا هزارين پکيءَ پر ٿا ساهِن.