شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

چاندي چاندي ،وار جواني ڪاڏي وئي،

چاندي چاندي ،وار جواني ڪاڏي وئي،
ڳولين ٿو اڄ ،يار جواني ڪاڏي وئي.

راتين جو فانوس هٿن ۾ لوڏيندي،
سوچيو ،چوڪيدار جواني ڪاڏي وئي.

چادر اُوڙهي لاچارين جي بستر ۾،
ڀُڻڪي ٿو ،بيمار جواني ڪاڏي وئي.

چڙهندو هو سج روز سکي جي لالي جو،
ڇوريءَ ڇا ،سينگار جواني ڪاڏي وئي،

لفظن جي محبوب سفر ۾ ٿيو گم آ،
اڻپورو ،اقرار جواني ڪاڏي وئي.

هٿ کي هر هر لوڏي راند رچائڻ لاءِ،
ڌوڻن ٿا ڪي ،ٻار جواني ڪاڏي وئي.

عينڪ جي آڌار جيئاري نيڻن کي،
ڳڻجن ٿا پل ،چار جواني ڪاڏي وئي.