شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ايڏو مخلص ناهيان مان پر،

ايڏو مخلص ناهيان مان پر،
ڪوڙ ٺڳي سان ياري ناهي.

من ۾ احساس پيو جَرڪي،
دل تو وانگر ، ڪاري ناهي.

آءُ مان توکي ارپيان سڀ ڪجھ،
جان به توکان پياري ناهي.

پاڻ مسافر پنڌ ڏُکي جا،
پنهنجي ڪا ئي تياري ناهي.

درد اڃان دل سانڍي رکجان،
هُن پنهنجي دل ٺاري ناهي.

شاعر گيت لکي ويا ڪيڏا،
قوم اندر بيداري ناهي.

ويَل پرين جا پيرا، چُمجن،
واءُ اُڏاري واري ناهي.