وقت وڃائي نڪري ويو آ،
جيون ،گهائي نڪري ويو آ.
پاڻ رهياسين سچ تي پر ڪو،
ڪوڙ ،ڪمائي نڪري ويو آ.
چنڊ حياءُ جا بادل اوڍي،
ڪيئن شرمائي نڪري ويو آ.
شام ڏَسي ٿي اڄ هو ٻاهر،
سُرمو پائي نڪري ويو آ.
عشق اکين کي بُوسا ڏيندي،
ننڊ ،اُڏائي نڪري ويو آ.
دردن جي دنيا مان امداد،
پير پچائي نڪري ويو آ.