شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

دربَدر نيڻ ڀٽڪن ٿا هر پل مٺي!

دربَدر نيڻ ڀٽڪن ٿا هر پل مٺي!
مان ته جيون جي ڳولا ۾ نڪتل مٺي!

ڏينهن ارپن ٿا صحرا جي سوداگري،
رات اوجاڳ لمحن ۾ گھايل مٺي!

تنهنجون يادون به دل ۾ سلامت اڃان،
تنهنجي اُلفت جو آ رنگ ڇانيل مٺي!

پوپٽن جي اڌوري بزم جي ڪٿا،
پنهنجي گلشن جا گلڙا ڪومايل مٺي!

زندگاني ائين درد جهاڳي نه ها،
جي ملي ها سهارو ڪو ساحل مٺي!

نفرتن ۾ هِتي هرڪو دل ٿو رکي،
قربتن جو ڪجي ڪنهن کي قائل مٺي!

حسرتن جون هٿن سان مزارون اَڏي،
هاڻ سَڏجي ٿو امداد قاتل مٺي!