شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

انتظاري

انتظاري
تون نه آئين انتظاري پئي دُکي،
من اندر ڪا بيقراري پئي دُکي.

رات آئي جاڳ جا تحفا کڻي،
مان ڀُران ٿو ڀاڳ جا تحفا کڻي،
سرد آهُن مان اُٿي پئي آرزو،
لفظ ڳولن ٿا تُنهنجي ڪا گفتگو،
دل وڇوڙن ۾ ويچاري پئي دُکي
تون نه آئين انتظاري پئي دُکي،

راهه ۾ ڇاڻي اکين جون خواهشون،
روح ٿو ڄاڻي اکين جون خواهشون،
يار هي ويساهه گھاتين ۾ وَري،
تُو رکيو آ ساهه ڪاتين ۾ وري،
عشق آتش آهه زاري پئي دُکي.
تون نه آئين انتظاري پئي دُکي،
سَار جا پوپٽ اُڏامن ٿا اڃان،
پيار جا پوپٽ اُڏامن ٿا اڃان،
تون ورڻ جي مُند ۾ ناهين وَريو،
مان ته تُنهنجي سار ۾ ساڳيو چريو،
سونهن سپنا سوچ ساري پئي دُکي
تون نه آئين انتظاري پئي دُکي،

ڇڏ کڻي محبوب دُوريون هاڻ تون،
اچ اسان وٽ قرب ميڙي پاڻ تون،
موٽ هاڻي مڃ منهنجي ڪا التجا،
عرض آ ، آٿت ڏيئي وڃ يار ڪا،
لوڪ سامهون پريت پياري پئي دُکي،
تون نه آئين انتظاري پئي دُکي،