تعبير پُڇن ٿا نيڻن ۾،
ڪي خواب لُڇن ٿا نيڻن ۾.
تو چاهه چانڊوڪي ڇيڙي آ،
ڏِس مور نچن ٿا نيڻن ۾.
هي پيار وفا جا پانڌيئڙا،
ڪي راز رکن ٿا نيڻن ۾.
مسرور رهان محبوب مگر،
سوَ داءُ سُجهن ٿا نيڻن ۾.
ڪي شخص مسيحا روپ کڻي،
احساس اُڻن ٿا نيڻن ۾.
ڪجھ پيار پراڻا ياد ڪري،
اڄ لڙڪ ترن ٿا نيڻن ۾.
امداد سفر ۾ ساٿ نه آ،
سوَ خوف ڪُڏن ٿا نيڻن ۾.