شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

چند لمحن جي چاهت کڻي ٿا اچو،

چند لمحن جي چاهت کڻي ٿا اچو،
يار ڪيڏي هي راحت کڻي ٿا اچو.

جي اچو ٿا اسان لاءِ جيئڻ جو نئون،
آسرو ۽ ڪا آٿت کڻي ٿا اچو.

تنگ پوپٽ پيا ڪن اوهان کي تڏهن،
روز تَن جي شڪايت کڻي ٿا اچو.

نيٺ ڪهڙي يزيدي زماني منجھان،
قرب ٻوڙي قباحت کڻي ٿا اچو.

ٽهڪ ڇيڙي هوا ۾ سُريلا سندا،
موسمن جي بشارت کڻي ٿا اچو.

نيڻ ناسين ۾ جانان ٺهي ڪانه ٿي،
هي جا مون لئه حقارت کڻي ٿا اچو.

پو فرشتا پُڇن ٿا هي رُتبو ڏسي،
جڳ مان ڪهڙي عبادت کڻي ٿا اچو.