شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

امداد سولنگي جو تعارف

امداد سولنگي جو تعارف
تاثر

شاعري ساروڻين جي تتل تند آهي، جنهن جي آتمائن جي جوڳ سنجوڳ جو آتم ڪٿائون سوز ۽ سرور جون راڳڻيون ڇيڙينديون آهن، سار جي تار ته خودڪار آهي جيڪا هر حساس دل تي ڪيفيتن جي معيار جي معيار جي آڌار تي وار ڪندي رهندي آهي، پر اهڙين ڪيفيتن جي ڪرب کي اظهارڻ جو فن فقط شاعر وٽ هُجي ٿو، شاعر جنهن جو شعور اعليٰ ۽ عشق جنونيت جون حدون اورانگهيل هجي. شاعر جنهن جي نگاهه پاتارن ۽ پولارن جون پيڙائون پڙهڻ جي سگھه رکندي هُجي، شاعر جنهن جي دل سماج جي سيني ۾ دڙڪندي هجي، شاعر جنهن جو فِڪر لاحد جو لاهوتي هجي، شاعر جنهن جو جنم آدم سان گڏ ٿيو هجي ۽ سندس خواب ڌرتي جي آخري انسان سان گڏجي جيئڻ جو جتن ڪندڙ هجن، اهڙا هوندا آهن شاعر ۽ اهڙو ئي شاعر آهي اسان جو يار امداد سولنگي مون وٽ شاعر جو قد بُت ۽ وزن ماپڻ لاءِ ڦيٿ ۽ وٽ تارازيون نه آهن، سو آئون امداد کي شاعري جو سج چنڊ يا تارو ڪونه چوندس، ۽ نه ئي شاعري جو بادشاهه وزير يا قاضي يا ڪوٽوال ڪوٺيندس. هو شاعري جو هماليه يا ڪي ٽو وغيره به نه آهي، هو فقط شاعر آهي، جيئرو، جاڳندڙ ڀوڳيندڙ، کلندڙ، روئيندڙ، سمجهندڙ، سوچيندڙ، خواب ڏسندڙ، يار سان پيار ۽ خار سان نفرت ڪندڙ ماڻهو آهي، وٽس ماڻهپو سماجي شعور ۽ سچ جي پرک آهي، هو ڪيفيت ۽ احساس کي لفظن ۾ اظهاري سگهي ٿو، هو شاعر آهي ساروڻين جا عڪس حرفن ۾ پينٽ ڪندڙ شاعر ڀوڳنائن جي راڳڻي ڇيڙيندڙ شاعر آئيندي جون اميدون اڻندڙ شاعر، سندس اظهار ۾ سادگي سونهن سچائي ۽ سُرت آهي، اِهو ئي امداد سولنگي جو تعارف آهي ۽ اِها ئي سندس تعريف آهي.

جعفر جاني
جيڪب آباد