زندگي هر موڙ تي پئي غم رکي،
هاڻ لازم آ ته ڪو ،مرهم رکي.
روز پنهنجا خواب ماري ناچڻي،
سوچ ۾ ٿي ڇير جي ،ڇَم ڇَم رکي.
تنهنجا جذبا جھُور ٿيندا پيا وڃن،
وقت سان ويڙهاند لاءِ ڪو ،دم رکي.
سونهن ڇيڙي آ وري اڄ ڪربلا،
عشق پنهنجي موج ۾ ،ماتم رکي،
چئو طرف ابليس جي هر چال کي،
سمجھ پنهنجي سوچ ۾ .آدم رکي.
پٽ ڪري ٿو ڪير مندر مسجدون،
ڪير ماڻهن ميڙ ۾ ٿو ،بم رکي؟
هوءَ حسينا سوڳ ٻاري رات جو،
نيڻ منهنجي ياد ۾ پئي ،نم رکي.