هو نه درد جو قِصو هي مختصر،
چنڊَ دل جا چاڪ ميڙيا رات ڀَر.
هُن سمهاريو ٻانهن سيراندي ڏئي،
مان ته دنيا کان ويس ٿي بي خبر.
روز ماڻهن سان وڙهي ٿي مفلسي،
روز ٿي غربت هڻي ڪيڏا پٿر.
ٿو جھُڳا ناحق جلائين راڄ جا،
رئيس تنهنجي ڪوٽ تي ڪِرندو قهر.
بندگي مان خام خيالي ڪڍ پَري،
دل! خدا جي خوف کي ماڻيو ته ڪر.
گُمشده احساس جو ڪو ڏي پتو،
ڪٿ رهي ٿو ماڻهپو ماڻهن اندر.
وياج تي ورتل خوشين جي رنگ ۾،
هاڻ تون ڳولين پيو ڪهڙو اثر.