سادگيءَ جو پاند پيارا ڪيئن ڇڏيون،
ڳوٺ ٻَنيون ٻيلهه ٻارا ڪيئن ڇڏيون.
رات ڪنهن جي ڀاڳ ۾ اهڙي ڪِٿي،
چنڊ راتيون تِيک ،تارا ڪيئن ڇڏيون.
زندگي آ ڏُوجھرن جو ڏيهه پر،
ڪي جيئڻ جا ماڪ چارا ڪيئن ڇڏيون.
پاڻ سان ناهي لڳي پر ڇا ڪجي؟!!
لادوا هي درد سارا ڪيئن ڇڏيون.
آس ٿَم ايندو سڄڻ مون ڏي هلي،
من اُجھائي ديپ جارا ڪيئن ڇڏيون.
موتَ ڦاهيون گھاٽَ سڀ منظور آ،
حق هتي پنهنجا خدارا ڪيئن ڇڏيون.