شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

خاموش طبيعت آ ڪو شور نٿا چاهيون،

خاموش طبيعت آ ڪو شور نٿا چاهيون،
من پيار ۾ هو پرچي، پر زور نٿا چاهيون.

اتهاس پڙهيو هوندو، آڪاش به ڌرتيءَ جو،
محڪوم اسان ماڻهو،ڪجھ غور نٿا چاهيون.

هِت امن محبت ۾ آباد رکون خود کي،
هِت انس رهي ڀلجان، ڪو ڍور نٿا چاهيون.

هن دل جي وٿاڻي ۾ هڪ پيار دُکيل رهندو،
ڪنهن وير جو ڪو مَن تي هي تور نٿا چاهيون.

مهڪار هُجي ٿر تي، ڪي مور وتن ٽلندا،
جو سوڪ ويو گذري، سو دَور نٿا چاهيون.

احساس کڻي پنهنجا، هڪ سوچ رکي پنهنجي،
ها ڇونه هُجي شاعر پر چور نٿا چاهيون.