شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ساهه ٿو سُرڪي سُٺا ڪپڙا هُجن،

ساهه ٿو سُرڪي سُٺا ڪپڙا هُجن،
عيد تي منهنجا ابا ڪپڙا هُجن.

من چوي ٿو حال ميرا ڌوپجن،
ڪاش مون وٽ ڀي اڇا ڪپڙا هُجن.

ديد آ تنهنجي ئي اوبر جي مٿان،
ڏي اميري جي لٿا ڪپڙا هُجن.

ياد ئي ناهي غريبيءَ کي ڪڏهن،
وقت جي حاڪم ڏنا ڪپڙا هُجن.

ٿان پورو ئي لڳي ٿو ٿورڙو،
هو وڏيرو آ وڏا ڪپڙا هُجن.

ڪهڙو هي احساس آهي آدمي،
روز قبرن تي ڪٺا ڪپڙا هُجن.

غم غريبيءَ جا لکڻ جي جوش ۾،
ائين لڳي ٿو ڄڻ جليا ڪپڙا هُجن.