هوند حياتي غم هئي ساري ،اڄ تو مرڪي حال ڏنو،
تير بگهڙ جي هانوء ۾ کوڙي ،ڄڻ هرڻي کي ڇال ڏنو.
سوچان ٿو انمول ٿيڻ لاءِ تنهنجو آهي ساٿ ضروري،
تنهنجي ياد غزل جو تحفو،خوشبو خوشبو خيال ڏنو.
بم ڌماڪا دهشت طاري،ملڪ سڄو ڏهڪاءُ ۾ آ،
تنهجي ڪِرت هميشه ڪاري ،اڄ هي ساڳيو ،سال ڏنو.
چيلهه سنهي ۾ ڀاڪر پائي ،توسان ٿئي پرچاءُ ڪڏهن،
يار يڪو من گهاريم دوريون، عشق اندر ۾،خال ڏنو.
رات اڌوري چنڊ پٺيان ڪي، اوجاڳن جا مُور اُڏيا،
ويندي ويندي رات اسانکي ،اهڙو هو ته ،وِصال ڏنو.