شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ايڪي پيار محبت واري،

ايڪي پيار محبت واري،
هاڻ گھُلي ٿي ڪين هوا،
منهنجي ڳوٺ کي ڇا ٿي ويو؟

اُوطاقن ۾ خاموشي آ،
قرب ڪچهري ڪانهي ڪا،
منهنجي ڳوٺ کي ڇا ٿي ويو؟

درد اُڏي ٿو دونهون بڻجي،
گھر گھر ۾ ٿيا جھيڙ جھٽا،
منهنجي ڳوٺ کي ڇا ٿي ويو؟

ڀوتارن جي پويان ڊڪندي،
غربت ٿي وئي ليڙ لٽا،
منهنجي ڳوٺ کي ڇا ٿي ويو؟

ساڳيا منظر ساڳيون راهون،
ساڳيو ناهي موهه مٺا،
منهنجي ڳوٺ کي ڇا ٿي ويو؟

ڳوٺاڻو امداد مان ميڙيان،
روئي دل جا روز ڳڀا،
منهنجي ڳوٺ کي ڇا ٿي ويو؟